Farooq e Azam ki Ajziyan

Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan

سڀ کان آخري نبي، مڪي مدني صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي ارشاد فرمايو: خوش آمديد! توهان ننڍي جنگ کان وڏي جنگ جي طرف آيا آهيو. عرض ڪيو ويو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ وڏي ڇا آهي؟ ارشاد فرمايائون: مُجَاہِدَۃُ الْعَبْدِ ہَوَاہ يعني ٻانهي جو پنهنجي نفس کان وڙهڻ. ([1])

   هڪ ٻي حديثِ پاڪ ۾ آهي: اَلْمُجَاھِدُمَنْ جَاھَدَ نَفْسَہٗ فِیْ طَاعَةِ اﷲِ يعني مُجاهد اهو آهي جيڪو الله پاڪ جي اطاعت ۾ نفس کان وڙهندو آهي.

   الله پاڪ اسان کي توفيق ڏي، نفس کي سڌارڻ به هڪ ڪم آهي، پنهنجي اندر جا عيب ڳولڻ ۽ انهن کي درست ڪرڻ به اسان جي ذميواري آهي بلڪه هيءَ ئي اصل ذميواري آهي، الله پاڪ اسان کي ان جي توفيق نصيب فرمائي.

 اٰمین بِجاہِ خاتَمِ النَّبیِّین صلی اللہ علیہ واٰلہٖ وسلم

فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا                                                                یاربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجِزی کا

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪهڙي ڪهڙي انداز ۾ پنهنجو پاڻ جي سار سنڀار لهندا هئا؟ ٻڌو!

نفس کي ذليل ڪرڻ جو پڪو ارادو

   حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جا شهزاده حضرت عبدُ الله بن عُمر رَضِىَ اللهُ عَنۡهما فرمائن ٿا:  هڪ ڀيري حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جن پاڻي جي کَلي پنهنجي ڪلهن تي کنيائون (حالانڪه پاڻ ان وقت خليفه هئا، چاهين ها ته ڪيئي ملازم هي ڪم ڪري وٺن ها پر پاڻ خود پنهنجي ڪلهن تي کَلي کنيائون) سندن عرض ڪيو ويو:


 

 



[1]...الزہد الکبیر للبیہقی، صفحہ:165، حدیث:373۔