Farooq e Azam ki Ajziyan

Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan

وضاحت: يعني اي ٻانها! تون مٽي مان بڻيو آهين، مٽي ئي ٿي وڃڻو آهي، پوءِ ڪنهن ڳالھ جو غرور، ڪنهن ڳالھ جي بَلي بَلي...!! اڄ تون مٽِيءَ مٿان آهين، سڀاڻي مٽيءَ جي هيٺان هليو ويندين...!! بس هيءَ ئي تنهنجي ابتدا ۽ انتها آهي.

   پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ ئي حقيقت آهي...!! ڪاش! هن حقيقت کي اسان دل سان مڃي ڪري عملي طور تي هن کي زندگي ۾ اپنايون ته سڄو مسئلو ئي ختم ٿي ويندو.

فاروقِ اعظم جو سفرِ حج عام مسلمانن وانگر

    حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي زندگي مبارڪ ڏسون ته اسان کي اهو ئي نظر ايندو آهي، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  گهڻو ڪجھ هئا* پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه  الله ۽ رسول جا پيارا به آهن*مصطفيٰ جا وزير به آهن*عبادت گذار به آهن*نهايت ئي عقلمند به آهن*خليفه به آهن*هن دنيا ۾ جيترا به انسان آيا آهن ۽ جيترا به قيامت تائين ايندا، انهن سڀني ۾ نبين کان بعد ۽ حضرت صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان بعد سڀني کان افضل، سڀني کان بُلند رتبي وارا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه ئي آهن، حضرت مولاءِ ڪائنات، مولا علي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جن(فاروقِ اعظم) جهڙو بڻجڻ جي خواهش فرمائن، پاڻ سوچي وٺو! ته اهي فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪيڏي وڏي رتبي وارا هوندا، ايڏو افضل ۽ اعليٰ هجڻ جي باوجود سندن هي ڪمال هو جو پنهنجو پاڻ کي ڪجھ به نه سمجهندا هئا، عام ماڻهن جيان سادي زندگي گذاريندا هئا. حضرت عامر بن ربيعه رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه حج جي لاءِ مڪي پاڪ جي طرف روانا ٿيا، سڄي حج جي سفر ۾ سندن جتي به پَڙاء ڪيائون، رستي ۾ جتي به ترسيا، نه اتي خيمو کوڙيائون، نه شاهي انتظام ڪيائون، بَس ڪنهن وڻ تي چادر ٽنگيندا هئا ۽ ان جي ڇانوَ ۾ ويهي رهندا هئا. ([1])


 

 



[1]...تاریخ الاسلام للذہبی، سنۃ ثلاث و عشرین، الوفیات، جلد:2، صفحہ:95۔