Book Name:Farooq e Azam ki Ajziyan
يا منهنجي وجھ سان؟ عرض ڪيائين: نه بلڪه مان الله پاڪ جي رضا جي لاءِ معاف ڪري رهيو آهيان. هي ٻڌي ڪري حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه گهر تشريف وٺي ويا، پاڻ 2 رڪعتون نماز پڙهي، پوءِ پنهنجو پاڻ کي مخاطب ڪندي فرمايائون: *اي ابنِ خطاب...!! تون ڪمزور هُئين، الله توکي بُلندي عطا ڪئي*تون غير مُسلم هُئين، الله پاڪ توکي اسلام جي هدايت بخشي*تون رُسوا هُئين، الله پاڪ توکي عزت سان نوازيو*پوءِ توکي ماڻهن جو حڪمران بڻايو، هاڻي تون مدد گهرڻ وارن کي مارين ٿو...!! سڀاڻي الله پاڪ جي بارگاھ ۾ ڇا جواب ڏيندين؟ پاڻ ڪافي دير تائين پنهنجو پاڻ کي ائين ئي ڇڙٻون ڏيندا رهيا.
الله اڪبر! پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! ڪهڙي ڪمال جي ڳالھ آهي...!! حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجو پاڻ کي ڪهڙي انداز ۾ مخاطب ڪندا هئا، هن دنيا مان وڃڻو آهي، قبر ۾ لهڻو، پوءِ رب جي بارگاھ ۾ بيهڻو آهي، سندن هن ڳالھ کان ڪيترو ڊڄندا هئا، ڪهڙي طرح ننڍين ننڍين ڳالهين تي پنهنجي پَڪڙ فرمائيندا هئا. افسوس! هاڻي حالات ٻي طرح جا آهن، اسان ته ٻين کي ماريندا، ڇڙٻون ڏيندا، جهيڙو جھڳڙو به ڪندا آهيون پر احساس ئي ناهي هوندو، ٿوري ٿوري ڳالهين تي ڪاوڙ ۾ اچي ويندا آهيون، اکيون ڳاڙهيون ڪري وٺندا آهيون*مونکي سڃاڻين نه ٿو...!!*مان فلاڻو آهيان، فلاڻو...!! *منهنجي اڳيان آواز تيز ٿو ڪرين*مون کان وڙهندين*وغيره وغيره جُملا ڳالهائي ڪري خبر ناهي پنهنجو پاڻ کي ڇا سمجهندا آهيون، ٻين جي دل آزاري ڪرڻ، ڏک ڏيڻ اڄڪلھ ته معمولي ڳالھ آهي، ٿوري ٿوري ڳالھ تي جهيڙا ٿي ويندا آهن، هٿوپائي تائين ڳالھ پهچي ويندي آهي، هي سڀ ڇا جي لاءِ...؟ ان ڪري جو اسان پاڻ کي گهڻو ڪجھ سمجهندا آهيون، حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي ڏسو! باربار پنهنجو پاڻ کي چوندا هئا: اي عُمر! تون ڪمزور هُئين، الله پاڪ توکي بُلندي ڏني، اي عُمر! توکي الله پاڪ هدايت ڏني، الله پاڪ