Dore Jahalat Ki Nishani

Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani

۽ ڪردار وارو بڻائي ڇڏيو. * اهي جيڪي ڇوڪرين کي زندھ دفن ڪندا هئا، انهن کي ڇوڪرين جو محافظ بڻايو. * جيڪي بي حيائي جي گهرائيءَ ۾ ڪريا پيا هئا، انهن کي باحيا بڻايو* اهو ئي قرآنِ ڪَريم آهي، جنهن جي ذريعي جاهليت جون اونداهيون ختم ٿي ويون* اهو ئي قرآنِ ڪَريم آهي، جنهن جي ذريعي ڪفر ۽ شرڪ جون اونداهيون دور ٿي ويون. * اهو ئي قرآنِ ڪَريم آهي، جنهن جي ذريعي اخلاق ۽ ڪردار ۾ نُور اچي ويو. * اهو ئي اهو قرآنِ ڪَريم آهي، جنهن جي ذريعي فقط نالي جو انسان حقيقي انسان بڻجي ويو    * اهو ئي اهو قرآنِ ڪَريم آهي، جنهن جي تعليمات کي عام ڪري سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سڄي دنيا ۾ نُور ئي نُور ڦهلائي ڇڏيو.    ڊاڪٽر اقبال چئي ٿو:

وہ دانائے سُبُل، ختمِ رُسُل، مولائے کُل جس نے                           غُبارِ راہ کو بخشا فروغِ وادئ سینا([1])

اعليٰ حضرت رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جا ڀاءَ مولانا حَسن رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:

کُھلیں اسلام کی آنکھیں، ہوا سارا جہاں روشن

عرب  کے  چاند  صدقے!  کیا  ہی  کہنا  تیری  طلعت  کا([2])

اي پيارا محبوب! اي عرب جا چنڊ! مان اوهان تي گُهور وڃان، اوهان نبوت جو اعلان ته  ڇا فرمايو، اسلام جي برڪت سان سڄي دنيا روشن ٿي وئي.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد


 

 



[1]...کلیاتِ اقبال، صفحہ:235۔

[2]...ذوقِ نعت، صفحہ:37۔