Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
هي آهي جدّت...!! عورت جي متعلق سڀ کان جديد ترين تعليم...!! هي اڄ کان 4400 سال نه پر ڪم و پيش ساڍا 1400 سال پهريان جي تعليم آهي. هاڻي ٻڌايو! اسلامي پردو جدّت آهي يا هي بي پردگي جدّت آهي؟ الحمدلله! اسلامي پردو....!! * ان ۾ جدّت به آهي * ان ۾ حياءَ به آهي * ان ۾ ايمان به آهي * ان ۾ دين به آهي * ان ۾ معاشري جي حفاظت به آهي * ۽ بي پردگي ته مڪمل بي حيائي آهي * ۽ جهنم جو عذاب آهي.
تفسير نور العرفان ۾ آهي: پردو جنت جي نعمتن مان هڪ نعمت آهي. رب فرمائي ٿو:
حُوْرٌ مَّقْصُوْرٰتٌ فِی الْخِیَامِ (ۚ۷۲) (پارہ:27، سورۂ رحمٰن:72)
ترجمو ڪنزالعرفان: خيمن ۾ پرده نشين حورون آهن.
جنت ۾ سڀئي پرهيزگار هوندا پر پردو اتي به هوندو. بي پردگي دوزخ جو عذاب آهي جو اتي عورتون مرد هڪٻئي اڳيان اگهاڙا هوندا.[1]
الله پاڪ اسان کي توفيق عطا فرمائي ته اسان پوريءَ طرح اسلام ۾ داخل ٿي وڃون ڇو ته هي جدّت اصل ۾ جدّت نه، پراڻيون ڳالهيون آهن.
اهڙي طرح موسيقي (Music) به تمام پراڻي ڳالهه آهي، دورِ جاهليت جي نشاني آهي. مسلمانن جا چوٿان خليفا حضرت علي المرتضيٰ، شيرِ خدا رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فرمائن ٿا: سڀ کان پهريان شيطان گانو ڳايو هو. روايتن ۾ آهي: الله پاڪ جي نبي حضرت داؤد عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم کي ربِّ پاڪ تمام پيارو آواز عطا فرمايو هو، پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جڏهن