Dore Jahalat Ki Nishani

Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani

پراڻيون ڳالهيون ڪري رهيا آهيو، هي دقيانوسيت (يعني پراڻي سوچ) ختم ڪريو! هاڻي نئون دور آهي، دنيا ترقي ڪري وئي آهي.

لَا حَوْلَ وَ لَا قُوَّۃَ اِلَّا بِاللہ! ڇا مَعاذالله! هڪ مسلمان کي اهو زيب ڏي ٿو ته اسلامي تعليمات کي پراڻيون ڳالهيون چئي، اسلامي طور طريقن کي دقيانوسيت جو نالو ڏئي؟ هرگز زيب نٿو ڏي.

۽  هونئن به ڏسجي ته اسلام پراڻيون ڳالهيون نٿو ڪري، اسلام ته دنيا جو سڀ کان نئون ۽ جديد دين آهي. جي ها! پويان جيترا به دين هئا، سڀ منسوخ ٿي چڪا. * اسلام آخري دين آهي، ان کانپوءِ نه ڪو نئون دين آيو آهي، نه قيامت تائين ايندو. * اسلامي شريعت آخري شريعت آهي، ان کانپوءِ نه ڪا شريعت آئي آهي، نه قيامت تائين ايندي. * اسلامي تعليمات آخري آسماني تعليمات آهي، ان کانپوءِ نه ڪا آسماني تعليم آئي آهي، نه قيامت تائين ايندي. * قرآنِ ڪريم آخري وحي آهي، ان کانپوءِ نه ڪا وحي آئي آهي، نه قيامت تائين ايندي. تنهنڪري اسلام جديد ترين دين آهي. ان جي برخلاف جيڪي ڳالهيون اسان کي ٻڌايون وڃن ٿيون، جيڪي رسم و رواج بيان ڪيا وڃن ٿا، فيشن جو نالو ڏئي جيڪي بي حيايون عام ڪيون وڃن ٿيون، اهي سڀئي ته تمام پراڻيون ڳالهيون آهن، ڪيئي سال پراڻا قصا آهن، هاڻي ماڻهو انهن کي جدّت جو نالو ڏئي ڇڏين ٿا. مان توهان کي ڪجهه مثالون پيش ڪريان ٿو،

 بي پردگي جدّت يا صديون پراڻو قصّو...؟

الله پاڪ پردي جو حڪم ڏيندي فرمايو:

وَ لَا تَبَرَّجْنَ تَبَرُّجَ الْجَاہِلِیَّۃِ  الْاُوْلٰی (پارہ22، سورۂ احزاب:33)

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ بي پرده نه رهو اڳوڻي جاهليت جي بي پردگيءَ وانگر۔