Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
مان هڪ ايپلي ڪيشن اسپيشل پرسن(Special Person) به آهي. هن ايپلي ڪيشن ۾ نابينا افراد جي لاءِ سکڻ جون کوڙ ساريون ڳالهيون شامل ڪيون ويون آهن، مثال طور هن ۾ آڊيو لائبريري جو آپشن به آهي، گونگن ٻوڙن جي لاءِ حج ۽ عمري، نماز، وضو ۽ غسل جو طريقو اشارن جي زبان ۾ شامل ڪيو ويو آهي، اشارن جي زبان سکڻ جي لاءِ Sign Language Course اُن ۾ موجود آهي. اوهان به هيءَ ايپلي ڪيشن انسٽال ڪيو ۽ اوهان جي دوستن، مٽن مائٽن ۾ جيڪڏهن ڪي اسپيشل پرسن (يعني گونگا ٻوڙا) اسلامي ڀائر آهن ته انهن تائين به هيءَ ايپلي ڪيشن پڄايو.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
* هر هفتي اميرِ اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ مدني چينل تي لائيو هفتيوار مدني مذاڪرو ڪندا آهن، ايندڙ هفتي به رات عشاء جي نماز کان پوءِ مدني چينل تي اِنْ شَــآءَالـلّٰـه الْکَرِیْم! هفتيوار مدني مذاڪرو ٿيندو، جنهن ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلِ سنت مولانا الياس عطّار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ سوالن جا جواب به عطا فرمائيندا. تمام ذمّہ داران ۽ عاشقانِ رسول هن مدني مذاڪري ۾ پاڻ به شرڪت ڪن ۽ ٻين کي به ان جي دعوت ڏين.
* شيخِ طريقت، امير اهلِ سنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هر هفتي هڪ ديني رسالو پڙهڻ جي ترغيب ڏيندا آهن، ايندڙ هفتي جي مدني مذاڪري ۾ رسالو ”امير اهلسنت کان بدشگوني جي باري ۾ 20 سوال جواب“ جو اعلان ڪيو ويندو. هي رسالو پاڻ به پڙهو! ٻين کي به ترغيب ڏيو ۽ سوشل ميڊيا جهڙوڪ واٽس ايپ وغيره تي رضاءِ الٰهي ۽ ثواب جي نيت سان ٻين سان به شيئر ڪريو!