Dore Jahalat Ki Nishani

Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani

(حالانڪه نياڻي الله پاڪ جي رحمت آهي، ان جي باوجود) ان کي طعنا ڏنا ويندا آهن.

رشتن جو ڏيڻ وٺڻ هجي يا خدا نخواسته طلاق وغيره جو معاملو ٿي وڃي، تڏهن ته شيطان خوب کُلي کيڏندو ۽ خوب طعن و تشنيع جي آفت ۾ مبتلا ڪندو آهي. ڪاش! اسان الله ۽ رسول جي تعليمات کي سچي دل سان عملي طور تي اختيار ڪريون...!

تجھ کو گر رُتبۂ عالی کی طلب ہے بھائی!                                    غور سے سُن! تجھے ہستی کو مٹانا ہو گا

بھائیو! چاہئے گر رَبِّ محمد کی رضا                                                             خود  کو  محبوب  کی  سُنّت  پہ  چلانا  ہو  گا([1])

مومن طعنا ناهي ڏيندو

حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان راويت آهي، رسول  اڪرم، نُور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مومن نه طعنو ڏيڻ وارو هوندو آهي، نه لعنت ڪرڻ وارو، نه بيهوده بڪڻ وارو هوندو آهي. [2]

مشهور مُفسِّرِ قرآن مفتي احمديارخان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هي عيبَ(يعني طعنا ڏيڻ، لعنت ڪرڻ ۽ فحش بڪڻ، هي) سچي مسلمان ۾ ناهن هوندا، پنهنجا عيب نه ڏسڻ، ٻين مسلمانن جا عيب ڳولهڻ، هرهڪ کي لعن طعن ڪرڻ اسلامي شان جي خلاف آهي. ڪجھ ماڻهو جانورن کي، هوا کي گاريون ڏيندا آهن، ڪجھ ماڻهو گاريون پهريان ڏيندا آهن، ڳالھ بعد ۾ ڪندا آهن، هي سڀئي هن حديث پاڪ مان عبرت حاصل ڪن.[3]

میں   جھوٹ نہ بولوں   کبھی گالی نہ نکالوں  !                                            اللہ مَرض سے تُو گناہوں   کے شِفادے([4])


 

 



[1]...وسائلِ بخشش (مرمم)،صفحہ:185 ملتقطاً ۔

[2] ترمذی، کتاب البر والصلۃ، صفحہ:481، حدیث:1977۔

[3] مرآۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:469بتغیر قلیل۔

[4]...مرآۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:469بتغیر قلیل۔