Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مثال طور نيت ڪريو! * رضاءِ الٰهي جي لاءِ مڪمل بيان ٻڌندس * اَدَب سان ويهندس * بيان دوران سُستي کان بچندس * پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بيان ٻُڌندس * جيڪو ٻُڌندس، اهو ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.
صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو!حديث پاڪ جي مشهور ڪتاب بخاري شريف ۾ هڪ تمام پياري روايت آهي، مان اها روايت ٿورو وضاحت سان اوهان کي ٻڌايان ٿو. حضرت مَعْرُور بن سُوَيد رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ دفعي مون کي صحابئ رسول حضرت ابوذرّ غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي زيارت جو شرف نصيب ٿيو، ساڻس گڏ سندن غلام به هو، انداز هي هو جو حضرت ابوذرّ غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ هيٺ گهٽ قيمت وارو لباس پهري رکيو هو، مٿان هڪ قيمتي چادر ويڙهي رکي هئي، بلڪل ائين ئي لباس سندن غلام جو به هو، ان به هيٺ گهٽ قيمت وارو لباس پائي رکيو هو، مٿان قيمتي چادر ويڙهي رکي هئي. هي نرالو انداز ڏسي ماڻهن عرض ڪيو: اي ابوذرّ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ! هي به ته ٿي سگهيو ٿي ته توهان ٻنهي قيمتي چادرن مان پنهنجو بهترين لباس سبرايو ها ۽ گهٽ قيمت وارو جيڪو لباس آهي، اهو غلام کي پارائي ڇڏيو ها (اِئين توهان جو بهترين لباس به ٿي وڃي ها ۽ آقا ۽ غلام جي وچ ۾ فرق به ٿي وڃي ها)۔ هي سوال ٻڌي حضرت ابوذرّ غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ پنهنجي ماضي جي هڪ ياد