Dore Jahalat Ki Nishani

Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani

يعني ائين چئي سگهو ٿا ته آزادي ملڻ کان پهريان اسلام ۾ پورو پورو داخِل ٿيڻ جي لاءِ اسان کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي هئي. * قربانيون ڏيڻيون پونديون هيون. * تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون هيون. ان ڪري اسان کي پنهنجو آزاد وطن گهربل هو ته جيئن اسان پوري آزادي سان مڪمل اسلامي زندگي گذاري سگهون پر افسوس...!!

مسجد تو بنا دِی پل بھر میں، ایماں کی حرارت والوں نے

من اپنا پُرانا پاپی ہے، برسوں میں نمازی بن نہ سکا

انهن عظيم ماڻهن، عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام پنهنجون جانيون قربان ڪري ڇڏيون، تڪليفون برداشت ڪيون، ڪروڙين ماڻهن هجرت ڪئي ۽ لکين شهيد ٿيا. انهن شهيدن جي رت تي اهو وطن آزاد ڪرايو ويو. اهي قربانيون ان لاءِ ڏنيون ويون هيون ته جيئن مسجدون آباد ٿين، پر مسجدون ويران ٿي ويون.   * قربانيون ان لاءِ ڏنيون ويون هيون ته جيئن سنتون عام ٿين، پر معاشري ۾ فيشن عام ٿي ويو. * قربانيون ان لاءِ ڏنيون ويون هيون ته جيئن قرآن جي تعليمات عام ٿي، پر هاڻي مسلمانن قرآن سکڻ ته ڇا، ان جي تلاوت ڪرڻ به ڇڏي ڏني. * اهي قربانيون ان لاءِ ڏنيون ويون هيون ته جيئن اسان پورا پورا اسلام ۾ داخل ٿي وڃون، پر افسوس! اڪثر مسلمانن جو ڪردار به غير اسلامي ٿي ويو، ظاهري شڪل ۽ صورت به غير اسلامي ٿي وئي.

ڇا اها ئي جِدّت آهي......؟

اسان جي معاشري ۾ هڪ نئين سوچ پيدا ٿي رهي آهي، نه ڄاڻ ڪٿان هي سوچ اسان جي معاشري ۾ اچي وئي ۽ پکڙجندي پئي وڃي. جڏهن اسلام جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي، قرآن ۽ سنت جي ڳالهه ڪئي ويندي  آهي، اسلامي اخلاق ۽ طور طريقن جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته ماڻهو چوندا آهن: مولانا...!! ڪهڙيون