Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
منهنجو پسنديده ڪم هو جنهن لاءِ مون هڪ ريڊيو به خريد ڪيو هو. منهنجي قسمت جو تارو ائين چمڪيو جو هڪ ڏينهن اسان جي علائقي ۾ ڪجهه اسلامي ڀائر هڪ ڏينهن راههِ خدا ۾ گذارڻ لاءِ آيا، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي هن ديني ڪم ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني، تنهنڪري مان به پنهنجي ڪجهه دوستن سان گڏ شامل ٿي ويس. واپس ويندي هڪ اسلامي ڀاءُ هفته وار اجتماع جي دعوت ڏني، اسان چيو: جيڪڏهن ياد رهيو ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ضرور شرڪت ڪنداسين. بهرحال اسان اجتماع ۾ شرڪت ڪئي، اتي انهن ئي اسلامي ڀائرن سان ملاقات ٿي جن اسان کي اجتماع جي دعوت ڏني هئي، اهي اهڙي اخلاق سان پيش آيا جو اسان ته بس دعوتِ اسلامي جا ٿي رهجي وياسين. منهنجي زندگي جو انداز ئي بدلجي ويو، نمازون پابندي سان نصيب ٿيون، گانن جي جڳهه نعت شريف ورتي، منهن تي ڏاڙهي ۽ مٿي تي عمامو سجايو، ائين دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس
عطائے حبیبِ خدا دینی ماحول ہے فَیضانِ غوث ورضا دینی ماحول
تُو داڑھی بڑھا لے عِمامہ سجا لے نہیں ہے یہ ہرگز بُرا دینی ماحول
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول!هاڻي ٽيڪنالوجي جو دور آهي. الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جديد ٽيڪنالوجي جي ذريعي به عِلمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ هن حوالي سان دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ طرفان مختلف موبائل ايپلي ڪيشنز جاري ڪيون ويون آهن، انهن