Dore Jahalat Ki Nishani

Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani

پاڪستاني عوام لاءِ ڪرڻ وارا ڪم

پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ اسان کي ملڪ پاڪستان جهڙي نعمت سان نوازيو آهي، ان تي اسان کي ان جو شڪر ادا ڪرڻ گهرجي. شڪر جو تقاضو اهو آهي ته جنهن جي طرفان نعمت ملي آهي ان جي اطاعت ۽ فرمانبرداري ڪئي وڃي: * جيڪڏهن ٿي سگهي ته آزادي جي شڪراڻي ۾ 14 آگسٽ تي روزو رکو. * شڪراڻي جا نفل پڙهڻ جو انتظام ڪيو. * آزادي جي جدوجهد ۾ شهيد ٿيلن لاءِ ايصال ثواب ڪرڻ جو انتظام ڪيو. * فضول خرچي جي بجاءِ ملڪ پاڪستان کي سرسبز بڻائڻ لاءِ ٻوٽا لڳائڻ جو انتظام ڪيو. *ملڪ پاڪستان کي هر قسم جي نقصان کان بچائڻ ۽ ان جي تعمير ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جو عهد ڪيو.

الله پاڪ اسان کي پنهنجي وطنِ عزيز سان محبت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: هڪ ڏينهن راههِ خدا ۾

پيارا اسلامي ڀائرو! جهالت جي ڪمن کان بچڻ، اسلامي تعليمات تي عمل ڪرڻ، سُنت مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  تي هلڻ جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، 12 ديني ڪمن ۾ عملي طور حصو وٺڻ شروع ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار ڀلايون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هفتيوار هڪ ديني ڪم: