Dore Jahalat Ki Nishani

Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani

اُولٰٓئِکَ لَہُمْ عَذَابٌ  مُّہِیْنٌ (۶) (پارہ:21، سورۂ لقمان:6)

ترجموڪنزالعرفان: انهن لاءِ ذلت جو عذاب آهي.

حديثِ پاڪ ۾ آهي: جيڪو ڳائڻ واري وٽ ويهي، ڪن لڳائي ڌيان سان (ڳائڻ) ٻڌي، ته الله پاڪ قيامت واري ڏينهن ان جي ڪنن ۾ سيهو وجهي ڇڏيندو.[1]

 دورِ جاهليت جون ڪجهه نشانيون

اهڙي طرح پيارا اسلامي ڀائرو! ٻيون به ڪيئي ڳالهيون آهن، تمام گهڻا طريقا آهن جيڪي اڄ ماڻهو اپنائين ٿا، منع ڪيو وڃي ته چون ٿا: ادا! نئون دور آهي، اسان جدت پسند آهيون، اسان کي پراڻيون ڳالهيون نه ٻڌايو! حالانڪه اهي ڳالهيون، اهي طريقا نوان ناهن، پراڻا آهن. مثال طور: * بيهي پيشاب ڪرڻ دورِ جاهليت ۾ عام هو، هاڻي ماڻهو جدّت جي نالي تي ائين ڪن ٿا * زمانهءِ جاهليت ۾ شراب عام هو، هي بيماري هاڻي اسان جي معاشري ۾ به عام ٿي رهي آهي * زمانهءِ جاهليت ۾ بدڪاري عام هئي، اسان جي معاشري ۾ به ان جو رجحان وڌي رهيو آهي* بيحيائي زمانهءِ جاهليت جو وڏو عيب هو، هاڻي هي عيب اسان جي معاشري ۾ پوري قوت سان پکڙجي چڪو آهي * گار گند دورِ جاهليت جو انڌيرو آهي، اسان جي معاشري ۾ به عام آهي * والدين کي ستائڻ دورِ جاهليت جو انڌيرو آهي، اسان جي معاشري ۾ به اولڊ هائوس


 

 



[1] ابنِ عَساکِر ج۵۱ ص۲۶۳۔