Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
جشنِ آزادي جي موقعي تي اسان هن پهلو کان به پنهنجو پاڻ تي، پنهنجي گهر تي، پنهنجي معاشري تي غور ڪريون، هي سوچيون ته ڇا مان مقصدِ پاڪستان کي پورو ڪري رهيو آهيان، عاشقانِ رسول علماءِ ڪرام جي اها سوچ، جنهن جي بنياد تي انهن قربانيون ڏنيون ۽ هي ملڪِ عزيز حاصل ڪيو، ڇا مان انهيءَ سوچ کي پورو ڪري رهيو آهيان؟ ڪٿي منهنجي ذات ۾ دورِ جاهليت جي ڪا نشاني ته موجود ناهي؟ هن پهلو کان غور ڪري اسان پنهنجو پاڻ کي به، پنهنجي گهر کي به ۽ پنهنجي پوري معاشري کي دورِ جاهليت جي سڀني نشانين کان پاڪ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪريون. الله ڪري، اسان پوري طرح اسلام جي رنگ ۾ رنڱجي وڃون.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
افسوس! اسانجي معاشري ۾ يومِ آزادي تي به جاهلانه
حرڪتون ڪيون وينديون آهن، گناهن سان ڀريل انداز اپنايا ويندا آهن: * جشنِ آزادي جي نالي تي گانا هلايا ويندا آهن۔ *ميوزڪ وڄايو ويندو آهي۔ * بيهودہ رقص ڪيا ويندا آهن. * ڪوڪون ڪيون وينديون آهن۔ * ڦٽاڪا ڦاڙيا ويندا آهن۔
* بيهودگي سان
باجا وڄايا ويندا آهن۔ * نوجوان گهٽين ۽ رستن تي هُلڙبازي ڪندا آهن۔ * رستن تي ون ويلنگ (One Wheeling) ڪري موت جي راند کيڏيندا آهن ۔ *ڪيترائي نادان
جيڪي پنهنجي والدين جي پوڙهائپ جو اڪيلو سهارو هوندا آهن، هن ون ويلنگ جي نشي ۾ مست ٿي
ڪري موت جي منهن ۾ هليا ويندا آهن۔ * شراب پيتو ويندو آهي۔ * نشي آور شيون دل کولي ڪري استعمال ڪيون وينديون آهن۔