Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا یا ربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا)[1](
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديث پاڪ ۾ آهي: نبيّن جي نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ٽي ڳالهيون جنهن ۾ هجن، الله پاڪ ان تي رحمت به فرمائيندو ۽ ان کي جنت ۾ داخل به ڪري ڇڏيندو. (اهي ٽي عادتون ڪهڙيون آهن؟):
(1) ڪمزور تي نرمي ڪرڻ (يعني جيڪو جسماني لحاظ سان ڪمزور آهي، مثلاً *پوڙهو آهي * اپاهج آهي * ڪو ٽنگن کان معذور آهي * ڪو هٿن کان معذور آهي * ڏسي نٿو سگهي * ٻُڌي نٿو سگهي * ڳالهائي نٿو سگهي * ايئن ئي مالي لحاظ سان ڪمزور آهي * غريب آهي * فقير آهي * ڪو ذهني طور تي ڪمزور آهي * چريو آهي * گهٽ ذهن وارو آهي، ان کي ڳالهه دير سان سمجهه ۾ اچي ٿي، وغيره اهڙا جيڪي ڪمزور ماڻهو آهن، انهن تي نرمي ڪرڻ رحمت ۽ جنت ماڻڻ جو ذريعو آهي. (2) والدين سان سٺو سلوڪ ڪرڻ. (3) غلامن سان ڀلائي ڪرڻ.[2]
مَشهُور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪي حقَ لازم آهن، انهن(حقن) کان وڌيڪ مهرباني ڪرڻ ڀلائي چورائيندو آهي.[3] يعني جيڪي اسان جا ماتحت آهن، خادِم آهن، نَوڪر چاڪِر آهن ته انهن جا جيڪي لازمي حقَ آهن، اهي ته پورا ڪرڻا ئي ڪرڻا آهن، انهن سان گڏوگڏ انهن جي حقن کان وڌيڪ انهن سان مهرباني ڪجي ته هي رحمت ۽ جنت ڏياريندڙ نيڪي آهي.