Dore Jahalat Ki Nishani

Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani

جهالت جي بُرين ڳالهين کان نفرت

پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم  دنيا ۾ تشريف ئي ان لاءِ کڻي آيا ته جيئن ماڻهن کي جاهليت جي اونداهين مان ڪڍي اسلام جي نور ۾ وٺي اچن. تنهنڪري ڪنهن مسلمان جي اندر دورِ جاهليت جي ڪا هڪ به عادت موجود هجي، دورِ جاهليت جي هلڪي جھلڪ به ڪنهن جي ڪردار ۾ ڏسڻ اچي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي اها ڳالهه هر گز پسند نه آهي. ابنِ ماجه شريف ۾ روايت آهي، حضرت عمران بن حصين رَضِىَ اللهُ عَنْهُ  فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو اسان پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ جنازو پڙهڻ لاءِ وڃي رهيا هئاسين. هاڻي معاملو ائين ٿيو ته ڪجهه ماڻهن پنهنجون چادرون رستي ۾ اڇلايون. رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن اهو ڏٺو ته فرمايو: اَبِصنيعِ الْجَاهِلِيَّةِ؟ ڇا اوهان جاهليت وارن ڪم سان مشابهت اختيار ڪري رهيا آهيو؟  لَقَدْ هَمَمْتُ أَنْ أَدْعُوَ عَلَيْكُمْ دَعْوَةً تَرْجِعُونَ فِي غَيْرِ صُوَرِكُمْ يعني دل چاهي ٿي ته توهان جي خلاف دعا ڪيان جنهن سان اوهان جا چهرا بگڙي وڃن. پياري آقا، رسولِ خدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جو اهو جلال ڏسي ڪري صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم فوراً چادرون کڻي ورتيون، پوءِ ڪڏهن به ائين نه ڪيائون. ([1])

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت تي غور فرمايو! اهو هڪ دورِ جاهليت جو انداز هو ته اسلام کان اڳ جڏهن ماڻهو مردي کي دفنائڻ ويندا هئا ته غم جو اظهار ڪرڻ لاءِ رستي ۾ چادرون اڇلائي ڇڏيندا هئا، واپسيءَ تي کڻي وٺندا هئا. اهي صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم جن تائين اسلام جي مڪمل تعليمات اڃا نه پهتي هئي، انهن جڏهن ائين ڪيو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ڪيئن جلال جو اظهار فرمايو؟ رحمتِ دوجهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم جي انهن جملن


 

 



[1]...ابن ماجہ، حدیث:1486۔