Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
يعني اي ايمان وارؤ! اسلام جو رنگ پوري طرح پاڻ تي چاڙهي ڇڏيو! *عقيدا به اسلامي رکو! * اعمال به اسلامي اختيار ڪريو، * صورت به اسلامي بڻايو! * سيرت به مسلمانن واري رکو! * توهان جا نالا به اسلامي هجن، * ڪم به اسلامي هجن، * توهان جي زندگي به اسلامي هجي،* موت به اسلامي هجي، * شادي خوشي به اسلامي هجي، * رنج و غم جو انداز به اسلامي هجي، * رسم و رواج به اسلامي هجن، * ۽ طور طريقا به اسلامي هجن، * مطلب ته پنهنجو مرڻ جيئڻ به اسلامي بڻائي ڇڏيو!
مَشْهُور مفسرِ قرآن مفتي احمد يار خان نعيمي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي فرمان جو خلاصو آهي: جيڪو گهر جي اندر داخل ٿي وڃي، اهو گرمي، سردي، برسات، چوري وغيره کان محفوظ ٿي وڃي ٿو، اهڙي طرح اسلام به ڄڻ هڪ عمارت آهي، جيڪي مسلمان هن ۾ ايئن داخل ٿي ويا جو * دل ۾ اسلامي عقائد سمائجي ويا، * دماغ تي عشقِ رسول پهرو ڄمائي ڇڏيو * ۽ عضون ۾ اسلامي احڪام نافذ ٿي ويا، اهي شيطان جي چوري کان به بچي ويا ۽ دوزخ جي گرمي، سردي کان به محفوظ ٿي ويا. ([1])
الله پاڪ اسان کي توفيق بخشي، اسان ائين ئي اسلام ۾ پوري طرح داخل ٿي وڃون. اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
يومِ جشنِ آزادي (Independence Day)
پيارا اسلامي ڀائرو! هاڻي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ 14 آگسٽ اچڻ واري آهي، اسان جي ملڪِ عزيز پاڪستان ۾ 14 آگسٽ تي يومِ جشنِ آزادي ملهايو ويندو آهي. اَلحَمۡدُلله! پاڪستان الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي. * برِّصغير ۾