Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
مختلف رپورٽس جي مطابق، پاڪستان ۾ جشنِ آزادي جي موقعي تي 7 ملين يعني 70 لک ماڻهو منشيات جو استعمال ڪندا آهن، افسوس! افسوس...!! ڇا اسان کي پاڪستان ان لاءِ مليو هو؟ ڇا اسان کي هن نعمت سان ان لاءِ نوازيو ويو هو؟
وائے ناکامی متاعِ کارواں جاتا رہا کارواں کے دِل سے اِحْساسِ زیاں جاتا رہا
وضاحت: افسوس! اسان جو ساز و سامان (مثلاً عزت، ترقي، ڪاميابي، عروج وغيره) سڀئي تباهه ۽ برباد ٿي رهيو آهي ۽ مصيبت ته اها آهي ته اسان نادانن کي هن تباهي جو احساس تائين ناهي۔
جشنِ آزادي جو ڏينهن شڪر جو ڏينهن آهي
الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
وَ لَقَدْ مَکَّنّٰکُمْ فِی الْاَرْضِ وَ جَعَلْنَا لَکُمْ فِیْہَا مَعَایِشَ ؕ (پارہ:8، سورۂ اعراف:10)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ بيشڪ اسان توهان کي زمين ۾ ٺڪاڻو ڏنو ۽ توهان جي لاءِ ان ۾ زندگي گذارڻ جا سبب بڻايا.
الحمد للہ! الله پاڪ اسان کي رهڻ لاءِ هي پاڪ ۽ آزاد ملڪ عطا ڪيو، اَلحَمۡدُلله! زندگي جون ضرورتون عطا ڪيون، کوڙ سارين نعمتن سان نوازيو پر افسوس! اسان اهڙي نموني شڪر ادا نٿا ڪري سگهون، جيئن ڪرڻ جو حق آهي۔ اسان کي گهرجي ته پاڪستان اسان کي نصيب ٿيو ته هن موقعي تي الله پاڪ جو خوب شڪر ادا ڪريون۔ يومِ جشنِ آزادي اهو ڏينهن آهي جنهن ڏينهن