Dore Jahalat Ki Nishani

Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani

تي بار بار غور فرمايو! فرمايائون: اَبِصنيعِ الْجَاهِلِيَّةِ؟ ڇا اوهان جاهليت واري ڪم سان مشابهت اختيار ڪري رهيا آهيو؟ لَقَدْ هَمَمْتُ أَنْ أَدْعُوَ عَلَيْكُمْ دَعْوَةً تَرْجِعُونَ فِي غَيْرِ صُوَرِكُمْ يعني دل چاهي ٿي ته توهان جي خلاف دعا ڪيان جنهن سان توهان جا چهرا بگڙي وڃن.

ان مان معلوم ٿئي ٿو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم دورِ جاهليت وارن ڪمن کان سخت نفرت ڪندا هئا. تنهنڪري اسان تي لازم آهي ته اسان اهڙن سڀني ڪمن کان پري ئي رهون.

گهڻو ناپسنديده شخص

حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهُ کان روايت آهي، نبيّن جي سلطان، رسولِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: الله پاڪ جي بارگاهه ۾ 3 شخص تمام ناپسنديده آهن: (1): حرمِ پاڪ ۾ بي ديني ڪرڻ (يعني گناهه ڪرڻ يا گناهه پکيڙڻ) وارو (2): اسلام ۾ دورِ جاهليت جا طريقا تلاش ڪرڻ وارو (يعني اهو ماڻهو جنهن ڪلمو به پڙهي ڇڏيو، مسلمان به ٿي ويو، پوءِ به دورِ جاهليت جي برائين ۽ بُري رسمن کي پسند ڪري ٿو، اهو الله پاڪ وٽ تمام ناپسنديده آهي) (3):۽ ٽيون شخص؛ مسلمانن جي خون جو پياسو.[1]

اسلام ۾ پورا پورا داخل ٿي وڃو!

الله پاڪ قرآنِ ڪَريم ۾ فرمائي ٿو

یٰۤاَیُّہَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوا ادْخُلُوْا فِی السِّلْمِ  کَآفَّۃً  ۪   (پاره:2، سورۂ بقره:208)

ترجموڪنزالعرفان: اي ايمان وارؤ! اسلام ۾ پورا پورا داخل ٿي وڃو.


 

 



[1] مشکاۃ، حدیث:1486۔