Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
پنهنجو پير منهنجي منهن تي نه رکندا، مان زمين کان چهرو نه کڻندس۔
الله! الله! فرمانِ مصطفى صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم تي عمل جو شوق ڏسو! اها هڪ ڪمي جيڪا محبوبِ ذيشان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌائي، ان ڪمي کي دور ڪرڻ جو جذبو ڏسو! ڪيتري حد تائين عاجزي اختيار فرمائي رهيا آهن، هيڏي حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْهُ به صحابئ رسول آهن، سندن هي ڳالهه ڪيئن گوارا ڪري سگهن ٿا، ان ڪري پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجو پير نه رکيو، آخر حضرت ابو ذرّ رَضِىَ اللهُ عَنْهُ زبردستي انهن جو پير پنهنجي چهري تي لڳائي ڇڏيو۔[1]
قرآن کے آئینے میں ہستی کے قَرینے تاحدِنظر پھیلے ہیں اَنمول خزینے
ہیں مثل ستاروں کے مِری بزم کے ساتھی اَصحاب کے بارے میں یہ فرمایا نبی نے
ہیں آپ کے ہاتھوں ہی سے تراشے ہوئے ہیرے اسلام کے دامن میں یہ تَابِندہ نگینے
بعد ان کی محبّت کے سفر صرف تھکن ہے منزل کوئی پائے گا نہ پائی ہے کسی نے
پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ اسان لاءِ سکڻ جون گهڻيون ڳالهيون آهن. مثلاً:
هن واقعي مان هڪ ڳالهه ته اسان کي هي سکڻ لاءِ ملي ته عاجزي اختيار ڪرڻ گهرجي، ڪنهن مسلمان جي مقابلي ۾ پنهنجي وڏائي نه جتائڻ گهرجي، ڀلي سامهون وارو خادِم ۽ غلام ئي ڇو نه هجي. اسان سڀئي مسلمان آهيون، الله پاڪ جا ٻانها آهيون، سڀئي حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي اولاد آهيون،* چاهي ڪو