Dore Jahalat Ki Nishani

Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani

*اَلحَمۡدُلله! مڪتبة المدينه  قرآن، حديث، عقائد، تصوف ۽ فقه ۾ مهارت رکڻ واري عظيم عالم امام اهلِ سُنت امام احمد رضا خان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي سيرت جي مختلف پهلوئن تي لکيل ڪتاب ”فيضان امام اهل سُنت“ شايع ڪيو آهي. هي ڪتاب مڪتبة المدينه جي ڪنهن شاخ تان 415 روپئي ۾ طلب فرمايو. ان ڪتاب کي پاڻ به پڙهو! ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو! 

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْبِ!                                                                                               صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنۡشاھ نُبُوت صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي:

مَنۡ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدۡ اَحَبَّنِي وَمَنۡ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الۡجنَّة

يعني جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                                                                                جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 امت سان همدردي سنتِ مصطفيٰ آهي

2  فرامينِ مصطفيٰ صَلَّي اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ :(1)  الـلّٰـہ پاڪ مون کي ٽي سوال عطا فرمايا، مون ٻه ڀيرا (ته دنيا ۾) عرض ڪيو: اَللّٰہُمَّ اغْفِرْ لِاُمَّتِیْ اَللّٰہُمَّ اغْفِرْ لِاُمَّتِیْ اي اللّٰ! منهنجي امت جي مغفرت فرماءِ، اي الـلّٰـہ! منهنجي امت جي مغفرت فرماءِ. ۽ ٽيون عرض ان


 

 



[1] مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵