Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
هڪ ڏينهن راھ خدا ۾ به آهي. موجوده دور جي عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت امير اهل سُنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ اسان کي هي مدني مقصد ڏنو آهي ته ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي.“ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! * دعوت اسلامي وارا عاشقانِ رسول هن مقصد جي تڪميل جي لاءِ ڳوٺن ٻهراڙين جي اهڙن علائقن ۾ جتي ديني ڪم ڪمزور آهن اُتي وڃي ڪري نيڪي جي دعوت عام ڪندا آهن. * جمعي يا آچر واري ڏينهن اسلامي ڀائر اهڙن علائقن ۽ ڳوٺن جي اطراف ۾ ويندا آهن. جتي 12 ديني ڪم شروع ڪرڻ يا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي حاجت هوندي آهي *اُتي مسجد ۾ قيام ڪيو ويندو آهي. * طئي ڪيل جدول جي مطابق ڪنهن هڪ نماز کان بعد مسجد کان ٻاهر وڃي ويجهي گهرن ۽ دڪانن تي نيڪي جي دعوت ڏني ويندي آهي. * عاشقانِ رسول کي هٿو هٿ مسجد ۾ اچڻ جي ترغيب ڏياري ويندي آهي مثال طور * اچو! اوهان به اسان سان گڏ مسجد هلو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! . * علمِ دين سکڻ جي لاءِ ملندو. * نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب نصيب ٿيندو. * راھِ خدا ۾ نڪرڻ جي سعادت ملندي. حديث پاڪ جو خلاصو آهي: جيڪو قدم راھِ خدا ۾ خاڪ هاڻو ٿيندو، ان کي جهنم جي باھ نه ڇُهندي.(مسند امام احمد،جلد:6، صفحہ:507، حدیث:16356خلاصۃً۔). * جيڪو شخص الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پنهنجي مسلمان ڀائرن ڏانهن شهر جي اطراف ۾ وڃي حديث پاڪ ۾ ان جي لاءِ جنت جي بشارت آهي.
( معجم اوسط،جلد:1، صفحہ:472، حدیث:1743۔)
اسان ته بس دعوتِ اسلامي جا ٿي رهجي وياسين
هڪ اسلامي ڀاءُ جو چوڻ آهي ته دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان عام نوجوانن وانگر غفلت جي زندگي گذاري رهيو هئس، گانا ٻڌڻ