Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابوذرّ غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي واقعي مان ٻيو سبق هي مليو ته طعنو ڏيڻ هڪ مسلمان جي شان ناهي. ڏسو! حضرت ابوذرّ غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ فقط ايترو چيو هو: اي ڪاري ماءُ جا پٽ! هي ڳالهه ڪوڙي نه هئي، ڳالهه سچي هئي پر پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّه عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي دورِ جاهليت جو اثر قرار ڏنو. خبر پئي؛ ايئن ڪنهن کي طعنو ڏيڻ دورِ جاهليت جي نشاني آهي، اسلام ان کان منع ڪري ٿو. الله پاڪ فرمايو:
وَ لَا تَلْمِزُوْۤا اَنْفُسَکُمْ (پاره:26، سورۂ حجرات:11)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ پاڻ ۾ ڪنهن کي طعنو نه ڏيو.
تفسير صراطُ الجنان ۾ آهي: يعني زبان يا اشاري جي ذريعي هڪ ٻئي تي عيب نه لڳايو، ڇو ته مؤمن هڪ جان جيان آهن، جڏهن ڪنهن مؤمن تي عيب لڳايو ويندو ته ڄڻ پاڻ ئي تي عيب لڳايو ويندو. ([1])
افسوس! هاڻي اسان وٽ ٻين کي طعنا ڏيڻ جي وَبا به تمام عام آهي. * ڪو سنتون اختيار ڪري * پنهنجو اُٿڻ ويهڻ * هلڻ پھرڻ * کائڻ پيئڻ * پائڻ وغيره سنت مطابق ڪري ته ان تي طعنن جا تير وسايا ويندا آهن. * غريب کي غربت جو طعنو ڏنو ويندو آهي. * ڪڏهن ڪنهن جي ذات کي گهٽ سمجهي سندس ذات جو طعنو ڏنو ويندو آهي (حالانڪه ڪا ذات ذليل يا گهٽ ناهي، عزت جو معيار تقويٰ آهي). * ڪو مزدوري ڪري ٿو ته ان کي مزدوري جو طعنو ڏنو ويندو آهي. * ڪو ريڙهو لڳائي ٿو ته ان کي ريڙهي لڳائڻ جو طعنو ڏنو ويندو آهي. * جنهن وٽ صرف نياڻيون ئي نياڻيون هجن، پٽ نه هجي،