Book Name:Dore Jahalat Ki Nishani
(3) جهالت جي نشانيُن کان بچو!
پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت ابوذر غفاري رَضِىَ اللهُ عَنْهُ جي واقعي مان ٽيون سبق اهو ملي ٿو ته ڪنهن مسلمان جي اندر دَورِ جاهليت جو اثر هجي، * ان جي ڪردار ۾، * اخلاق ۾، * انداز ۾، طور طريقن ۾ جاهليت واري زماني جي ڪا بُري عادت هجي، اها ڳالهه پياري آقا، مڪي مدني مصطفىٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪڏهن به پسند ناهي. پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم آيا ئي انڪري آهن جو ماڻهن کي جاهليت جي اونداهين کان ڪڍي اسلام جو نور عطا ڪن. سيپارو:13، سورة ابراهيم، آيت: 1 ۾ ارشاد ٿئي ٿو.
کِتٰبٌ اَنْزَلْنٰہُ اِلَیْکَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ اِلَی النُّوْرِ ۬ (پاره:13، سورۂ ابراہیم:1)
ترجموڪنزالعرفان: هي هڪ ڪتاب آهي جيڪو اسان اوهان جي طرف نازل ڪيو آهي ته جيئن اوهان ماڻهن کي انهن جي ربّ جي حڪم سان اونداهين مان روشني جي طرف آڻيو.
يعني اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! دُنيا اونداهين ۾ ٻڏي وئي آهي، اسان قرآنِ ڪَريم جو نُور اوهان تي نازل ڪيو، اوهان ماڻهن کي قرآنِ ڪَريم ٻڌائي ڪري، قرآنِ ڪَريم پڙهائي، قرآنِ ڪَريم جي نُوراني تعليمات کي عام فرمائي ماڻهن کي اونداهين کان نُور ڏانهن ڪڍي آيا!
پوءِ ائين ئي ٿيو؛ الله پاڪ جي آخري رسول، رسولِ مَقْبُول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن کي قرآن ٻڌايو، قرآنِ ڪَريم جي معنيٰ بيان فرمائي، قرآنِ ڪَريم جا راز اُنهن جي دلين ۾ داخل ڪيا ۽ اهي ئي ماڻهو * جيڪي پاڻ کان گهٽ شيءِ کي پنهنجو خُدا بڻايو ويٺا هئا، اُنهن کي هڪ الله وَحْدَہٗ لَاشَرِیْک جي سامهون سجدو ڪرايو*جيڪي اخلاقيات (Ethics) جي اونداهين ۾ هئا، انهن کي اعلى اخلاق