Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
سيپارو: 22، سورتِ احزاب، آيت: 40 ۾ الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو:
مَا کَانَ مُحَمَّدٌ اَبَاۤ اَحَدٍ مِّنۡ رِّجَالِکُمۡ وَ لٰکِنۡ رَّسُوۡلَ اللّٰہِ وَ خَاتَمَ النَّبِیّٖنَ ؕ وَ کَانَ اللّٰہُ بِکُلِّ شَیۡءٍ عَلِیۡمًا (۴۰)
ترجمو ڪنز العرفان: محمد توهان جي مردن مان ڪنهن جو پيءُ نه آهي پر الله جو رسول آهي ۽ سڀني نبين جي آخر ۾ تشريف وٺي اچڻ وارو آهي ۽ الله سڀ ڪجهه ڄاڻڻ وارو آهي.
هن آيتِ ڪريمه جي تفسير *پاڻ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به فرمائي *صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم به هن جي تفسير بيان ڪئي *تابعين به بيان ڪئي *پوءِ ان کان بعد کان وٺي ڪري 13 صدين جي عالمن سڳورن به هن آيت جي متعلق نهايت خوبصورت ۽ علمي تحقيقات فرمايون آهن *سيدي اعليٰ حضرت، امام اهلسنت شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه انهن 13 صدين جي تحقيقن جو خلاصو بيان ڪندي لکن ٿا: خَاتَمُ النَّبِیّٖن جي معنيٰ آهي: آخِرُ الْاَنْبِیَاء يعني (سڀ کان آخري نبي جو) حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان گڏ يا حضور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان بعد قيامت تائين ڪنهن کي به نبوت ملڻ محال(ناممڪن) آهي. آيت جي هن معنيٰ ۾ ڪنهن به قِسم جي تاويل يا تخصيص ڪرڻ (يعني پنهنجي مرضي جي معنيٰ ڪڍڻ) ڪُفر آهي. ([1])
لوحِ محفوظ ۽ عقيدهءِ ختمِ نبوت
حديثِ پاڪ جي مشهور ڪتاب مُسلم شريف ۾ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، مُحمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: الله پاڪ زمين ۽ آسمان جي پيدائش کان 50 هزار سال پهريان مخلوق جي تقدير لکي،([2]) ان وقت لوحِ محفوظ تي جيڪو