Akhri Nabi Tashreef Le Aye

Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye

مبارڪ مان جيڪي تيل جا ڦُرا ٽِمي رهيا آهن، مونکي ته هي منظر هيئن لڳي رهيو آهي جيئن تارن سان ڀريل رات مصطفٰي جي چهري تي، والضُّحٰي واري چهري تي تارا نڇاور ڪري رهي آهي.

   مختلف سنّتون سکڻ جي لاءِ مڪتبةُ المدينه جو ڪتاب بهارِ شريعت جلد:3 حصّو: 16، ۽ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو 91 صفحات جو رسالو 550 سنّتون ۽ آداب خريد ڪيو ۽ پڙهو، سنّتن سکڻ جو هڪ بهترين ذريعو دعوتِ اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول سان گڏ سنّتن ڀريو سَفر به آهي.

آؤ مدنی قافِلے میں ہم کریں مل کر سفر  سنّتیں سیکھیں گے اِس میں اِنْ شَآءَ اللہ سر بَسَر

جو بھی شیدائی ہے مدنی قافِلوں کا یاخدا! دوجہاں میں اُس کا بیڑا پار فرما یاخدا!

  الله پاڪ اسان کي عَمل جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                               صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

دعوتِ اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري

اِجتِماع ۾ پڙهيا ويندڙ  6  درود شريف ۽  2 دعائون

(1) جمعه جي رات جو دُرُود

اَللّٰہُمَّ صَلِّ وَسَلِّمْ وَبَارِکْ عَلٰی سَیِّدِنَا مُحَمَّدِ نِ النَّبِیِّ الْاُمِّیِّ

الْحَبِیْبِ الْعَالِی الْقَدْرِالْعَظِیْمِ الْجَاہِ وَعَلٰی اٰلِہٖ وَصَحْبِہٖ وَسَلِّمْ

 بزرگن فرمايو ته جيڪو شخص هر جمعرات (جمعه ۽ خميس جي وچين رات) هن دُرُود شريف کي پابندي سان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو پڙهندو موت جي وقت سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زيارت ڪندو ۽ قبر ۾ داخل ٿيڻ وقت به ايستائين هو ڏسندو ته سرڪار مدينه صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان کي پنهنجي هٿن سان قبر ۾ داخل ڪري رهيا آهن.)[1](


 

 



[1]... افضل الصلوات علی سید السادات، الصلاۃ السادسۃ والخمسون، ص151ملخصًا