Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
خوفناڪ آواز اچڻ شروع ٿي ويا، جنهن کي ٻڌي ڪري سڀئي مُردي کي اتي ئي ڇڏي ڊڄي ڪري ڀڄي ويا، ايستائين جو مُردي جو اولاد به اتي نه ترسيو. ان گستاخ جو ڪِنو لاش 3 ڏينهن تائين ائين ئي قبرستان ۾ پيو هو، آخرڪار ماڻهن ان تي مٽي وجهي ڪري ان کي پوري ڇڏيو.
پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهي ختمِ نبوت جي مُنڪرن جو عبرتناڪ انجام...!! اصل عذاب ته اهو هوندو، جيڪو قيامت جي ڏينهن انهن کي ڏنو ويندو، البت الله پاڪ ڪڏهن ڪڏهن اهڙن جو انجام دنيا تي واضح فرمائي ڇڏيندو آهي ته جيئن ماڻهو عبرت حاصل ڪن ۽ اهڙن گستاخن کان هميشه پري رهن.
الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي، اسان کي عقيدهءِ ختمِ نبوت تي ۽ تمام اسلامي عقائد تي استقامت نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
ياد رکندا!*قادياني ختمِ نبوت جا انڪاري آهن* مرزا غلام احمد کي نبي مڃيندا آهن*قرآنِ پاڪ جا به مُنڪر آهن*حديثن جا به مُنڪر آهن*ڪيئي نبين سڳورن ۽ خاص ڪري اسان جي آقا و مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا سخت ترين مُنڪر آهن، هي بدبخت مسلمانن کي ورغلائڻ جي لاءِ تمام گهڻيون چالاڪيون استعمال ڪندا آهن. هڪ رپورٽ جي مطابق هن وقت دنيا ۾ اسلام ۽ مسلمانن جي خلاف جيڪا لابي(Lobby) سڀ کان وڌيڪ ڪم ڪري رهي آهي، اهي قادياني آهن.* هي بدانجام ميڊيڪل جون سهولتون (Medical Facilities) فراهم ڪندا آهن*مُفت علاج (Free Medical Treatment) ڪندا آهن*کاڌو پيتو فراهم ڪندا آهن*رفاهِ عامه (Public Welfare) جا (يعني خيرخواهي