Akhri Nabi Tashreef Le Aye

Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye

پري پري کان ان عبرتناڪ منظر کي ڏسڻ ايندا رهيا، آخر ان کڏي کي پٿرن سان ڀريو ويو.

مٹ گئے، مٹتے ہیں، مٹ جائیں گے اعدا تیرے نہ مٹا ہے نہ مٹے گا کبھی چرچا تیرا([1])

وضاحت: يا رسولَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جا دشمن پهريان به مِٽجي ويا، هاڻي به مِٽجي ويندا ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! آئنده به باقي نه بچندا پر اوهان جو ذڪرِ خير نه ڪڏهن مِٽجو نه ڪڏهن مِٽجندو.

جڏهن هڪ قادياني جي قبر کُلي

   تونسه شريف جو واقعو آهي. هڪ تمام گهڻو امير قادياني هو (قادياني انهن کي چوندا آهن جيڪي مرزا غلام احمد قادياني کي نبي مڃيندا آهن، انهن کي مرزائي ۽ احمدي به چيو ويندو آهي، قادياني ختمِ نبوت جا مُنڪر ۽ ڪافر ۽ مُرتد آهن، جڏهن اهو قادياني مري ويو ته) قاديانين ان کي مسلمانن جي مسجد جي صحن ۾ (يعني نماز پڙهڻ واري جڳھ کان ٿورو پاسي تي چؤديواري جي اندر) دفن ڪري ڇڏيو. مسلمانن کي ان تي تمام گهڻي غيرت آئي ته هڪ قادياني جيڪو آخري نبي، محمّدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ختمِ نبوت جو مُنڪر هجي، الله ۽ رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو گستاخ هجي، ان کي مسلمانن جي مسجد جي چؤديواري جي اندر دفن ڪيو وڃي. جيئن ته حڪومتي ادارن (Government Institutions) کان مطالبو ڪيو ويو ته هن مُرتد کي مسجد مان فوراً ڪڍيو وڃي. ڪافي محنتن کان بعد آخر مسلمانن جو مطالبو مڃيو ويو ۽ حڪومت حڪم (order) جاري ڪري ڇڏيو ته هن کي مسجد مان ڪڍي ڪري ڪٿي ٻئي هنڌ دفن ڪيو وڃي. هاڻي ان جي قبر کولي وئي.

   الله! الله! جيئن ئي ان بدانجام جي قبر کُلي، بدبو (ڌَپَ) جو هڪ طوفان اٿيو


 

 



[1] ...حدائقِ بخشش، صفحہ:15۔