Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
سجايون * خوب قرآن جي تلاوت ڪيون * درودِ پاڪ جي ڪثرت ڪيون * محبوب جي ذڪر جون محفلون سجايون * گناھن کان بچندي شريعت جي دائري ۾ رهي ڪري خوب ڌوم ڌام سان ميلاد ملهايون * هي سڀ اخلاص سان الله ۽ رسول جي رضا جي لاءِ ڪنداسين ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. الله پاڪ توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم
نور کی پُھوہار برسی چار سُو ہے روشنی ہو گیا گھر گھر چَراغاں عیدِمیلادُالنَّبی
غنچے چٹکے، پھول مہکے ہر طرف آئی بہار ہو گئی صبحِ بہاراں عیدِمیلادُالنَّبی
ہم نہ کیوں روشن کریں گھر گھر دِیے مِیلاد کے خود کرے جب حق چَراغاں عیدِمیلادُالنَّبی([1])
(2): ختمِ نبوت تي اهلِ ڪتاب(ڪتاب وارن) جي گواهي
پيارا اسلامي ڀائرو: 2 روايتون جيڪي اسان ٻڌيون، انهن ٻنهي روايتن ۾ ان وقت جا اهلِ ڪتاب (يعني اڳين آسماني ڪتابن کي مڃڻ وارن) هي گواهي ڏني آهي ته دنيا ۾ جيترا به نبي تشريف وٺي اچڻا هئا، سڀئي تشريف آڻي چڪا، صرف هڪ احمد نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم باقي آهن، جيڪي اڄ ختمِ نبوت جو تاج سجائي تشريف آڻي رهيا آهن.
شہِ انبیا ہے، خُدا کا ہے پیارا وہ نبیوں میں سُن لو! نبی آخری ہے
مُحَمَّد ہے اَحْمَد، ہے سُلطانِ بطحا وہ نبیوں میں سُن لو! نبی آخری ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد