Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
اسان جو گهر پاڪيزه نبي، مڪي مدني، رسولِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خوشبوئن سان ٻهڪي رهيو هو ۽ منهنجو ڳل ته 8 ڏينهن تائين ٻهڪندو رهيو. ([1])
وہ جس رَہ سے گُزرتے ہیں، بَسی رہتی ہے مُدَّت تک
نصیب اُس گھر کے جس گھر میں ٹھہریں مِیہماں ہو کر([2])
وضاحت: پيارا آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جنهن رستي کان گذري ويندا آهن اهو رستو وڏي عرصي تائين خوشبودار رهندو آهي، الله اڪبر! اهو گهر ڪيڏو نه خوش نصيب آهي جو جنهن گهر ۾ پاڻ تشريف فرما ٿيندا آهن.
اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان درودِ پاڪ جي برڪت سان حضرت محمد بن سَعيد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه تي ڪهڙو ڪرم ٿيو..! الله پاڪ اسان کي به ڪثرت سان درودِ پاڪ پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم.
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔ ([3])
اي عاشقانِ رسول! چڱي نيت ٻانهي کي جَنّت ۾ پهچائي ڇڏيندي آهي! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون ٿا، مان نيتون ڪرايان ٿو، اوهان دِل ۾ ارادو ڏسو ته اِنْ شَــآءَالـلّٰـه چئي ان جو اظهار ڪريو* عِلۡم دين سکڻ جي لاءِ سڄو بيان ٻڌندس* عِلمِ دين جو ادب ڪندي اَدَب سان ويهندس * بيان جا اَهم نڪتا (Points) لکي وٺندس * بيان جون جيتريون