Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
انهيءَ معنيٰ ۽ مفهوم جا الفاظ پياري آَقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ڀيرو نه بار بار، ڪيئي موقعن تي ارشاد فرمايا. تنهنڪري ڪوشش ڪري هي مختصر حديثِ پاڪ اسان کي به ياد (Memorize) ڪري وٺڻ گهرجي ۽ ٻارن کي به ياد ڪرائڻ گهرجي، ڪهڙي حديثِ پاڪ آهي: لَانَبِیَّ بَعْدِی مون کان بعد ڪو نبي ناهي.[1]
خُود میرے نبی نے بات یہ بتا دی: لَا نَبِیَّ بَعْدِی! ہر زمانہ سُن لے یہ نوائے ہادِی: لَانَبِیَّ بَعْدِی!
پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڳالھ هميشه ياد رکندا ته عقيدهءِ ختمِ نبوت ڪو معمولي اهميت جو عقيدو نه آهي بلڪه هي ضرورياتِ دين مان آهي. يعني اسلام ۾ جيڪا اهميت عقيدهءِ توحيد جي آهي، اها ئي اهميت عقيدهءِ ختمِ نبوت جي به آهي، مسلمان هجڻ جي لاءِ جهڙي طرح لَا اِلٰہَ اِلَّا اللہ جو اقرار ڪرڻ ضروري آهي، اهڙي طرح پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي آخري نبي مڃڻ به ضروري آهي. ([2]) ڪلمهءِ طيبه جنهن کي پڙهي ڪري ڪافر مسلمان ٿيندو آهي: لَا اِلٰہَ اِلَّا للہُ مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہ هن ڪلمي ۾ جيڪو لفظ محمد آهي، ان مان ڪو ٻيو نه بلڪه اهي محبوب مُراد آهن، جن جي مٿي تي ربِّ ڪائنات خَاتَمُ النَّبِیّٖن جو تاج سجايو آهي، ان ڪري جيڪو ٻانهو طيب ڪلمو ته پڙهي پر حضرت محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي آخري نبي نه مڃي، اهو هرگز هرگز مسلمان نٿو ٿي سگهي.
بعد آپ کے ہر گز نہ آئے گا نبی نیا واللہ ! اِیماں ہے مرا، اے آخری نبی
عقیدہ سب صحابہ کا ! سب سے آخری نبی! عقیدہ اَہْلِ بیت کا ! سب سے آخری نبی!
نظریہ غوثِ کا ! سب سے آخری نبی! اَوْلیا کا نظریہ ! سب سے آخری نبی! ([3])