Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
حضرت ابوهُريره رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام هِند ۾ لٿا، سندن ڪجھ گهٻراهٽ ٿي ته حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَامآيا، انهن بانگ ڏني، جڏهن انهن اَشْہَدُ اَنَّ مُحَمّدًا رَّسُوْلُ اللہ چيو ته حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام پڇيو: مَنْ مُحَمَّد؟ يعني محمد ڪير آهن؟ جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام چيو: اٰخَرُ وَلَدِکَ مِنَ الْاَنْبِیَاء يعني محمّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اوهان جي اولاد مان سڀني کان آخري نبي آهن.[1]
مسلمانن جا چوٿان خليفه حضرت عليُ المرتضيٰ، شيرِ خُدا رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڀيرو مان بيمار هيس، نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿيس، پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون کي پنهنجي جڳھ تي بيهاريو ۽ سندن نماز ۾ مصروف ٿي ويا، پوءِ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي چادر جو ڪجھ حصو مون تي وجهي ڇڏيو، (نماز کان بعد) فرمايائون: اي علي اوهان چڱا ٿي ويا، اوهان تي ڪا تڪليف ناهي، مون الله پاڪ کان جيڪو ڪجھ پنهنجي لاءِ گهريو، اوهان جي لاءِ به گهريو ۽ مون جيڪو ڪجھ گهريو الله پاڪ مون کي عطا فرمايو پر مون کي هي فرمايو ويو ته لَا نَبِیَّ بَعْدَکَ يعني اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان کان بعد ڪو نبي نه آهي. حضرت علي رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: مان انهيءَ وقت اهڙو تندرست ٿي ويس ڄڻ بيمار ئي نه ٿيو هيس.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! هي تمام مشهور، نهايت مختصر ۽ عقيدهءِ ختمِ نبوت کي بلڪل واضح ۽ صاف صاف بيان ڪرڻ واري تمام پياري حديثِ پاڪ آهي: لَا نَبِیَّ بَعْدِی مون کان بعد ڪو نبي ناهي. بلڪل هيءُ ئي الفاظ يا هنن سان ملندڙ جُلندڙ،