Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
ڪجھ لکيو ويو، ان ۾ هي به هو: اَنَّ مُحَمَّدًا خَاتَمُ النَّبِیّٖن بيشڪ مُحمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني کان آخري نبي آهن. [1]
مُحَمَّدِ مصطفےٰ! سب سے آخری نبی! احمدِ مجتبیٰ! سب سے آخری نبی!
آمنہ کا لاڈلا! سب سے آخری نبی! شاہِ ہر دوسرا! سب سے آخری نبی! ([2])
حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام ۽ عقيدهءِ ختمِ نبوت
صحابيءِ رسول حضرت اَبوهُريره رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان روايت آهي، آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جڏهن الله پاڪ حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَامکي پيدا فرمايو ته انهن کي سندن اولاد ڏيکاريو ويو، سندن پنهنجي اولاد مان ڪجھ کي ڪجھ کان افضل ڏٺو ۽ سندن سڀ کان آخر ۾ بلند ۽ روشن نور ڏٺو، عرض ڪيائون: یَا رَبِّ! مَنْ ہٰذَا؟ اي الله پاڪ! هي ڪير آهي؟ ارشاد ٿيو: اي آدم! هي اوهان جو پٽ احمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) آهي، هيءُ ئي اول آهي، هيءُ ئي آّخر آهي، هيءُ ئي اهي آهن جيڪي (قيامت جي ڏينهن) سڀني کان پهريان شَفاعت ڪندا، انهن جي ئي شفاعت سڀني کان پهريان قبول ڪئي ويندي.[3] صحابيءِ رسول حضرت جابِر بن عبدُ الله رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته الله پاڪ جي نبي حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام جي ٻنهي ڪلهن جي وچ ۾ لکيل هو: مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللہِ خَاتَمُ النَّبِیّٖن محمد الله پاڪ جا رسول ۽ سڀني کان آخري نبي آهن.[4]
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی!
عقیدہ سب صحابہ کا! سب سے آخری نبی! عقیدہ اَہْلِ بیت کا! سب سے آخری نبی!([5])
[1]... مسلم،کتاب القدر،باب حِجاج آدم و موسیٰ علیہما السَّلام،صفحہ:1023،حدیث:2653۔
[2] ... وسائلِ فردوس، صفحہ:85۔
[3] ... مختصر تاریخ دمشق لابن عساکر،ما ورد فی اصطفائہ علی العالمین... الخ،جلد:2،صفحہ:111۔
[4] ... مختصر تاریخ دمشق لابن عساکر،ذكر عروجہ الى السماء واجتماعہ بالانبیاء،جلد:2،صفحہ:137۔
[5] ... وسائلِ فردوس، صفحہ:85۔