Akhri Nabi Tashreef Le Aye

Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye

ڳالهيون ياد رهجي ويون، گھر وڃي گھروارن کي، ٻارن کي، دوست احباب کي ٻڌائي عِلم دِين ڦهلائڻ جو ثواب ڪمائيندس۔

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                       صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

آخري ڳاڙهو تارو

  حضرت مالڪ بن سِنان رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ صحابيءِ رسول آهن، سندن اهي خوش نصيب آهن جو غزوهءِ اُحد جي موقعي تي جڏهن پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي زخم پهتو ته انهن اُن زخم مان رتُ مبارڪ چوسي ورتو ۽ پي ڇڏيائون، جڏهن رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پاڪ، مبارڪ، مقدس رَتُ انهن جي جسم مبارڪ ۾ لهي ويو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جيڪڏهن ڪنهن کي جنتي شخص ڏسڻو هجي، ته اهو مالڪ بن سنان رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کي ڏسي.[1]

   سُبْحٰنَ اللہ! ڪيڏي پياري ڳالھ آهي، هن مان خبر پئي ٿي ته محبوبِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بي مثل ۽ بي مثال آهن ڇوته عام انساني جسم مان نڪتل رت ناپاڪ هوندو آهي، ان کي پيئڻ گناھ آهي، پر هي مقدس رت هو، الله پاڪ جي پاڪ طيّب، طاهِر مَحبُوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي جسم مبارڪ مان نڪتل رتُ هو، هن کي پي ڪري گناھ نه ٿيو بلڪه حضرت مالڪ بن سِنان رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جنّت جوحقدار ٿي ويو. پوءِ اسان ڇونه چئون:

آپ جیسا کوئی ہو سکتا نہیں                 اپنی ہر خوبی میں تنہا آپ ہیں([2])

   پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت مالڪ بن سِنان رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ مديني پاڪ ۾ رهندا هئا، جنهن رات پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ٿي، ان رات مديني پاڪ ۾ ڇا صورتحال هئي، حضرت مالڪ بن سِنان رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ ان کي بيان ڪيو آهي.


 

 



[1]...سنن سعيد بن منصور، كتاب الجهاد، باب من جرح فى سبيل الله، ٢/٢٢١، حديث:٢٥٧٣ ملخصًا

[2]...سفینۂ بخشش، ص۱۲۔