Akhri Nabi Tashreef Le Aye

Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye

ناهي بلڪه شروع کان ئي مسلمانن جو طريقو رهيو آهي.

شيطان ميلاد ناهي ملهائيندو

   علامه سهيلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: شيطان4  ڀيرا دانهون ڪري رُنو هو (1): جڏهن اهو بارگاههِ الٰهي مان تڙيو ويو (2): جڏهن ان کي زمين تي لاٿو ويو (3): جڏهن سورت فاتحه نازِل ٿي ۽ (4): الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي وقت. ([1]) حضرت عِڪرمه رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ کان روايت آهي: رَحْمَۃٌ لِّلْعَالَمِیْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ٿي ته شيطان چيو: اڄ رات هڪ ٻار پيدا ٿيو آهي جيڪو اسان جو ڪم بگاڙي ڇڏيندو. ان جا چيلا چمچا چوڻ لڳا: تون هاڻي وڃ ۽ ان کي نقصان پهچائي ڪري ان جي ڪم ۾ رڪاوٽ وجهي ڇڏ! ان تي شيطان رسولِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ويجهو ٿيڻ چاهيو ته الله پاڪ حضرت جبريل اَمين عَـلَيْـهِ الـسَّـلَامکي موڪليو، پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام ان کي زوردار ٿُڏو هنيو جنهن سان اهو مقامِ عدن (يمن جو هڪ شهر آهي ان) ۾ وڃي ڪريو. ([2])

ہر مَلَک ہے شادماں، خوش آج ہر اک حور ہے       ہاں!  مگر  شیطان  مع  رفقا  بڑا  رنجور ہے ([3])

  وضاحت: مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جي ڏينهن هر ملائڪ، هر حورَ خوش آهي پر شيطان پنهنجي ساٿين سميت پريشان ۽ غمگين آهي.

  اي عاشقانِ رسول! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! ماھِ مبارڪ، ماھِ نور، يعني ماھِ ربيعُ الاوّل جي آمد آمد آهي. الله پاڪ اسان کي هن مبارڪ مهيني جون برڪتون نصيب فرمائي * اسان به جشنِ ولادت جي خوشي ۾ چراغان ڪيون * گهر سجايون  * گهٽيون


 

 



[1]...وسائلِ بخشش،صفحہ:483۔

[2]...وسائلِ بخشش،صفحہ:483۔

[3]...وسائلِ بخشش،صفحہ:483۔