Akhri Nabi Tashreef Le Aye

Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye

آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدارِ رسالت، شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!      جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

زلفن ۽ مٿي جي وارن جون سنّتون ۽ آداب

   فرمانِ آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: جنهن جا وار هجن اهو انهن جي عزت ڪري.[2]  يعني انهن کي ڌوئي، تيل لڳائي ۽ ڪنگو (Comb) ڪري.

   پيارا اسلامي ڀائرو! پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا زلف ڪڏهن نِصف (يعني اڌ) ڪن مبارڪ تائين *ڪڏهن ڪن مبارڪ جي لَو تائين ۽ *ڪڏهن ڪڏهن وڌي ويندا ها ته مبارڪ شانن يعني ڪلهن کي جهومي جهومي ڪري چمڻ لڳندا ها *اسان کي گهرجي ته ڪڏهن ڪڏهن ٽئي سنّتون ادا ڪيون، يعني ڪڏهن اڌ ڪن تائين ته ڪڏهن پوري ڪن تائين ته ڪڏهن ڪلهن تائين زلف رکون *ڪجھ ماڻهو ساڄي يا کاٻي پاسي سينڌ ڪڍندا آهن هي سنّت جي خلاف (Against) آهي *سنّت هي آهي ته جيڪڏهن مٿي تي وار هجن ته وچان سينڌ ڪڍي وڃي *مرد کي اختيار آهي مٿي جا وار ڪٽرائي يا وڌائي ۽ سينڌ ڪڍي *حضرت اَنس رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: پيارا آقا، مديني وارا مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اڪثر مٿي مبارڪ ۾ تيل لڳائيندا ۽ ڏاڙهي مبارڪ ۾ اڪثر ڪنگو ڪندا ۽ اڪثر مٿي مبارڪ تي ڪپڙو (يعني سربند شريف) رکندا ها ايستائين جو اهو ڪپڙو تيل(Oil) سان آلو ٿي ويندو هو.[3]

تیل کی بُوندیں ٹپکتی نہیں بالوں سے رضا صبحِ عارِض پہ لُٹاتے ہیں ستارے گیسو

  وضاحت: اي رضا! پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زلفن


 

 



[1]...تاریخ مدینہ دمشق، جلد:9، صفحہ:343۔

[2]... ابو داؤد، کتاب الترجل، باب فی اصلاح الشعر، صفحہ:653، حدیث:4163۔

[3]...550 سنتیں اور آداب، صفحہ:41 تا43 ملتقطاً۔