Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
سيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي فرمان جو خلاصو آهي: جيڪڏهن ڪنهن نبوت جي ڪوڙي دعويدار کان ان ڪري معجزو طلب ڪيو ته هي ڇوته ڪوڙو آهي، تنهنڪري معجزو ڏيکاري نه سهگندو، جڏهن ڏيکاري نه سگهندو ته ذليل ۽ خوار ٿيندو، هن نيّت سان معجزو ڏيکارڻ جو چوڻ ۾ ته ڪو حرج ناهي، البت جيڪڏهن تحقيق جي لاءِ معجزو طلب ڪيو ته ڏسان هي معجزو ڏيکاري به سگهي ٿو يا نه ته هن نيّت سان ڪوڙي نبي کان معجزو طلب ڪرڻ وارو فوراً ڪافر ٿي ويندو. ([1])
الله پاڪ جي پناھ...!!
ایماں پہ رَبِّ رحمت دے دے تُو استقامت دیتا ہوں واسطہ میں تجھ کو ترے نبی کا([2])
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
الله پاڪ اسان کي ايمان تي استقامت نصيب فرمائي. الله ڪري ته صرف اسان ئي نه، پر اسان جون ايندڙ سڀئي نسلون به اهو ئي نعرو لڳائينديون رهن.
مُحَمَّدِ مصطفےٰ! سب سے آخری نبی! احمدِ مجتبیٰ! سب سے آخری نبی!
آمنہ کا لاڈلا! سب سے آخری نبی! شاہِ ہر دوسرا! سب سے آخری نبی!
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی! ([3])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: فجر جي لاءِ جاڳائڻ
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! اڄوڪي پرفتن دور ۾ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي دلين ۾ عشقِ رسول جاڳائڻ، نيڪي جي دعوت ڏيڻ