Akhri Nabi Tashreef Le Aye

Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye

اهي تشريف وٺي ايندا ۽ هي شهر (يعني مدينو پاڪ) سندن هجرت جو مقام آهي. ([1])

پرنور ہے زمانہ صبحِ شبِ وِلادت   پردہ اُٹھا ہے کس کا صبحِ شبِ وِلادت

دِل جگمگا رہے ہیں، قسمت چمک اُٹھی ہے    پھیلا نیا اُجالا صبحِ شبِ وِلادت

پیارے ربیع الاول تیری جھلک کے صدقے     چمکا دیا نصیباً صبحِ شبِ وِلادت([2])

مُحَمَّدِ مصطفےٰ!                     سب سے آخری نبی!       احمدِ مجتبیٰ!    سب سے آخری نبی!

آمنہ کا لاڈلا!  سب سے آخری نبی!                      شاہِ ہر دوسرا!         سب سے آخری نبی!

تاجدارِ انبیا!   سب سے آخری نبی!                      ہیں حبیبِ کبریا!       سب سے آخری نبی! ([3])

آخري نبي جي آمد جو تارو

   حضرت حَسّان بن ثابت رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ مشهور صحابيءِ رسول آهن، سندن به مديني پاڪ ۾ ئي رهڻ وارا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان 7 سالن جو هيس، هڪ ڀيري رات جو پويون پَهر هو، اوچتو مديني جي گهٽين ۾ هڪ زوردار آواز گونجيو، ماڻهو ان آواز ڏانهن ڊوڙي پيا، ڇا ٿا ڏسن جو هڪ يهودي آهي، پهاڙ تي بيٺو آهي، هٿ ۾ باھ جو شعلو جهليو بيٺو آهي، ماڻهو ان جو زوردار آواز ٻڌي ان جي چئوطرف جمع ٿي ويا، هاڻي ان وڏي ميڙاڪي ۾ هڪ اعلان ڪيو، چيائين: ‌هَذَا ‌كَوْكَبُ اَحْمَدَ ‌قَدْ ‌طَلَعَ،‌هَذَا ‌كَوْكَبٌ ‌لَا ‌يَطْلُعُ اِلَّا بِالنُّبُوَّةِ، وَلَمْ يَبْقِ مِنَ الْاَنْبِيَاءِ اِلَّا اَحْمَدُ يعني هي احمد نبي (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جو تارو آهي. هي تارو صرف نبي جي ولادت جي وقت ئي نڪرندو آهي، دنيا ۾ جيترا به نبي تشريف کڻي آيا هئا، انهن مان صرف احمد نبي (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ئي آهن جن جي اڃان ولادت ناهي ٿي (هي تارو نشاني آهي ته اڄ سندن ولادت جي رات آهي).


 

 



[1]...دلائل النبوۃ للاصبہانی، الفصل الخامس ذکرہ فی الکتب المتقدمۃ...الخ، صفحہ:40، رقم:40 ملخصاً۔

[2]...ذوقِ نعت، صفحہ:89۔

[3]...وسائلِ فردوس، صفحہ:25۔