Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
ختمِ نبوت جي مُنڪرن جو عبرتناڪ انجام
پيارا اسلامي ڀائرو: تاريخ (History) گواھ آهي، جنهن به پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ختمِ نبوت جو انڪار ڪيو ۽ ان تي ڌاڙو هڻڻ جي ڪوشش ڪئي، ان جو انجام نهايت ئي عبرتناڪ ٿيو، آخرت ۾ ان جي لاءِ جيڪا ذلت آهي، اها ته آهي ئي آهي، الله پاڪ اهڙن کي دنيا ۾ به ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيندو آهي.
ڊيره غازي خان جي هڪ علائقي اِلٰه آباد ۾ هڪ گستاخ ۽ بدزبان شخص رهندو هو جيڪو نه صرف ختمِ نبوت جو انڪاري هو بلڪه جتي موقعو ملندو هو، پنهنجي غلط عقيدي جي تبليغ شروع ڪري ڇڏيندو هو، عقيدهءِ ختمِ نبوت جي باري ۾ تمام گهڻو بَڪواس ڪندو هو. انسان ڪجھ به ڪري، آخرڪار موت ته اچڻو ئي اچڻو آهي، الله پاڪ کي منهن ته ڏيکارڻو ئي آهي، ان بدبخت جو به موت آيو، هڪ ڏينهن اهو انهيءَ طرح عقيدهءِ ختمِ نبوت جي متعلق بڪواس ڪندي مري ويو. جيڪي ماڻهو ان جي هم خيال هئا، ان جهڙو ئي عقيدو رکندا هئا، انهن ان گستاخ کي مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن ڪرڻ جو خفيه پروگرام (Secret Program) ٺاهيو پر هي خبر مسلمانن تائين پهچي وئي، مسلمانن علائقي جي پوليس سان رابطو ڪيو ۽ ان کي مسلمانن جي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. جيئن ته ان گستاخ کي الڳ زمين ۾ ئي دفن ڪيو ويو، جيئن ئي ان کي قبر ۾ لاٿو ويو، ماڻهو اڃان واپس ئي ٿيا هئا ته قبر ۾ باھ ڀڙڪي پئي، ان جي قبر مان نڪرندڙ باھ جا شعلا (Fire Flames) 3 ڏينهن تائين نظر ايندا رهيا، ماڻهو ان کي ڏسي ڪري عبرت حاصل ڪندا رهيا، آخر 3 ڏينهن کان بعد قبر ڦاٽي پئي ۽ اتي هڪ تمام وڏو کَڏو بڻجي ويو. خبر پکڙجي وئي ۽ ماڻهو