Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
هڪ روايت ۾ آهي: آخرڪار مُسيلمه ڪذّاب کيس باھ ۾ وجهرائي ڪري شهيد ڪري ڇڏيو، پاڻ آخري گهڙي تائين اهو ئي چوندا رهيا: مان محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي الله جو رسول مڃان ٿو پر اي مُسيلمه! تون الله جو رسول آهين، هي ڳالھ ٻڌڻ جي لاءِ منهنجا ڪنَ ٻوڙا آهن.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! هي آهي ايماني جذبو...!! الله پاڪ اسان کي به اهڙو جذبو نصيب فرمائي. قادياني چالاڪي ڪندا آهن *طرح طرح جون ڳالهيون ڪري *اُبتا سُبتا دليل ڏئي ويچارن گهٽ علم وارن مسلمانن کي ورغلائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن*ايمان تي ڌاڙو هڻندا آهن، انهن جي هن فتني کان بچڻ جو صرف هڪ ئي طريقو آهي، اهوئي جيڪو حضرت حبيب بن زيد رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ اپنايو، پاڻ صاف صاف فرمائي ڇڏيائون: اي مُسيلمه! تون نبي آهين، منهنجا ڪن هي ٻڌڻ کان ٻوڙا آهن. يعني هي ڳالھ 100 ٪ بلڪ 500 ڪروڙ فيصد فائنل آهي ته محمد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آخري نبي آهن، ان کان بعد مونکي ڪا ٻي ڳالھ ٻڌڻي ئي ناهي.
نبوت جي ڪوڙي دعويدار کان دليل گهرڻ ڪيئن؟
حضرت ابو منصور ماتُريدي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: جيڪو به نبي پاڪ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان بعد نبوت جي ڪوڙي دعويٰ ڪري ته ان کان ڪو دليل نه گهريو ويندو بلڪه ان شخص جي ان دعويٰ جو انڪار ئي ڪيو ويندو[2] ڇوته الله پاڪ جا پيارا پيارا نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائي چڪا: لَا نَبِیَّ بَعْدِی يعني مون کان بعد ڪو نبي ناهي.[3]
شہِ انبیا ہے، خُدا کا ہے پیارا وہ نبیوں میں سُن لو! نبی آخری ہے
مُحَمَّد ہے احمد، ہے سلطانِ بطحا وہ نبیوں میں سُن لو! نبی آخری ہے