Akhri Nabi Tashreef Le Aye

Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye

سندن ئي جو ذڪرِ پاڪ، سندن ئي جو چرچو هو، ملائڪ، جانورَ، پکي، وڻ ۽ پٿر مطلب ته تمام مخلوق سندن ذڪر ۾ مصروف هئي.

    هر پاسي ڌومون ته متل ئي هيون پر هن جو هي مطلب ناهي ته ڌومون ٻين مخلوقات ۾ ئي هيون، انسانن ۾ نه هيون، ائين هرگز ناهي، اهي ماڻهو جيڪي ان وقت تائين مڃيندا هئا، ڪتاب وارا هئا، اهي مصطفيٰ جي ولادت جون محفلون سجائي ويٺا هئا.

ہر جان منتظر ہے، ہر دیدہ رہ نگر ہے غوغا ہے مرحبا کا صبحِ شبِ وِلادت

کس داب کس ادب سے، کس جوش، کس طرب سے   پڑھتے ہیں ان کا کلمہ صبحِ شبِ وِلادت([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                       صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

ميلاد ملهائڻ برڪتن جو ذريعو آهي

   پيارا اسلامي ڀائرو! هن مان معلوم ٿيو ته پياري آقا، مڪي مدني، مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ميلاد ملهائڻ يعني پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت جون خوشخبريون ٻڌائڻ، ولادتِ باسعادت جي وقت ذڪرِ پاڪ جي محفل سجائڻ اسان جي شريعت ۾ ته جائز ئي آهي، الحمد لله! اڳين شريعتن ۾ به جائز هو.

  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! مسلمان شروع کان ئي پنهنجي زماني جي تَقاضن جي مطابق هي نيڪ ڪم ڪندا آيا آهن. صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم  به ميلاد جي ذڪر جون محفلون سجايون آهن. برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ صرف هڪ واقعو ٻڌون ٿا. روايتن ۾ آهي: رسولِ انورصَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم غزوهءِ تبوڪ کان واپس آيا، ان وقت حضرت عَبَّاس بن عبدُ الۡمُطّلِب رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا ميلاد جي ذڪر تي پنهنجا لکيل ڪجھ شعرَ پڙهڻ جي اجازت گهري، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اجازت عطا فرمائي ته پاڻ پنهنجي قصيدهءِ ميلاد جا شعرَ پڙهيا، انهن مان ڪجھ شعرَ هي آهن:


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحہ:89۔