Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
وارا) ڪم ڪندا آهن*ماڻهن کي ڪاروبار (Business) ڪرائيندا آهن*مهانگن مُلڪن جا ويزا ڏياريندا آهن، اهڙي طرح دنياوي لالچ ڏئي ڪري ماڻهن جي غربت جو ناجائز فائدو کڻي ڪري ويچارن اٻوجھ مسلمانن کي ڦاسائيندا ۽ آهسته آهسته انهن کي قادياني بڻائي ڇڏيندا آهن. عام عوام جيڪي دين جي گهڻي معلومات ناهن رکندا، اهي نهايت ئي آساني سان انهن جي ڄار ۾ ڦاسي ڪري پنهنجو ايمان برباد ڪري ويهندا آهن. ان ڪري پنهنجو ايمان بچائڻ جي خاطر اسان سڀني تي لازم آهي ته اسان پاڻ به علمِ دين سِکون، پنهنجي ٻارن کي به سيکاريون، اسان سڀني جي ديني، ايماني ذميدارين مان اهم ترين ذميداري (Responsibility) آهي ته اسان پنهنجي ٻارن جي رڳَ رڳ ۾ عقيدهءِ ختمِ نبوت وجهي ڇڏيون.*پنهنجي گهروارن کي *ٻارن کي*ڀاڻيجن*ڀائٽيَن کي*مطلب ته هر اهو ٻار جيڪو ڳالهائي سگهي ٿو ان کي هي عقيدو اهڙي طرح ياد ڪرايو جو انهن کي ننڊ مان جاڳائي ڪري به پڇيو وڃي ته اهي هڪ ئي نعرو لڳائين:
مُحَمَّدِ مصطفےٰ! سب سے آخری نبی! احمدِ مجتبیٰ! سب سے آخری نبی!
آمنہ کا لاڈلا! سب سے آخری نبی! شاہِ ہر دوسرا! سب سے آخری نبی!
تاجدارِ انبیا! سب سے آخری نبی! ہیں حبیبِ کبریا! سب سے آخری نبی! ([1])
اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! امير اهلسنت مولانا محمد الياس عطار قادري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ هي نهايت ئي پيارا نعرا ڏنا آهن، هي نعرا پنهنجن ٻارن کي ياد ڪرايو، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جو رسالو آهي : سب سے آخری نبی. مڪتبة المدينه تان هي رسالو حاصل ڪيو! يا دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان ڊائون لوڊ ڪري وٺندا! پاڻ به پڙهندا! ٻين کي به هن جي ترغيب ڏياريندا! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ معلومات حاصل ٿيندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته ايمان جي حفاظت جو سامان به ٿي ويندو.