Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
۽ پوري علائقي ۾ پکڙجي ويو، ايتري تيز بَدبو هئي جو ماڻهن جا دماغ چڪرائجي ويا ۽ اکين مان پاڻي وهي آيو. ماڻهن ۾ هلچل مچي وئي. تمام خراب ۽ ڳَريل سڙيل لاش جڏهن قبر مان ڪڍيو ويو ته قبر کوٽڻ وارا به ڏڪي ويا. خير جيئن تيئن ڪري ڪِني لاش کي ڪڍي ڪري قاديانين جي حوالي ڪيو ويو. هاڻي قاديانين ان کي پنهنجي ڪنهن گهر ۾ دفن ڪري ڇڏيو. ان مان اٿندڙ بدبو اڃان به ڦهلجي رهي هئي، ڪجھ ڏينهن ۾ گهر ۾ اهڙي بدبو پکڙجي وئي جو گهر ۾ رهڻ مُشڪل ٿي ويو. آخرڪار قاديانين تنگ اچي ڪري ان کي اتان به ڪڍيو ۽ پري ڪٿي زمين ۾ دفن ڪري ڇڏيو. اکين ڏٺي جو حال ڄاڻڻ وارا چون ٿا: جڏهن ٻيو ڀيرو ان ختمِ نبوت جي مُنڪر کي ڪڍيو ويو ته ان مان اُٿندڙ بدبو (ڌپ) ڪيئي ميل پري تائين پکڙجي وئي ۽ ماڻهو ڪيئي ڏينهن تائين ان ڌپ کي محسوس ڪندا رهيا. هن عبرتناڪ واقعي کي ڏسي ڪري ڪيئي قادياني مسلمان ٿي ويا، جن ۾ ڪجھ ميت جي خاندان مان به هئا.
اهڙي طرح سيالڪوٽ جو واقعو آهي، اتي هڪ رمضان نالي شخص هو جيڪو قبرون کوٽيندو هو، ان جو چوڻ آهي: هڪ ڏينهن مون وٽ ڪجھ قادياني آيا ۽ مونکي هڪ قبر کوٽڻ جو چيائون، مونکي معلومات (Information) نه هئي ته قادياني ڪير ٿيندا آهن؟ تنهنڪري مون قبر جي کوٽائي ڪئي، جڏهن اهي قادياني ماڻهو پنهنجي مُردي کي دفنائڻ جي لاءِ کڻي آيا مون ۽ اتي موجود تمام حاضرين پنهنجي اکين سان ڏٺو ته قبر اوچتو نانگن سان ڀرجي وئي، هڪ پٺيان ٻيو نانگ (Snake) خبر ناهي ڪٿان آيا ويا پئي. انهيءَ وقت آنڌي به شروع ٿي وئي ۽ ان سان گڏوگڏ قبر مان باھ جا شعله (Fire Flames) به ٻرڻ شروع ٿي ويا.
هاڻي انهن قاديانين مونکي هڪ ٻي قبر کوٽڻ جو چيو، مون هڪ ٻي جڳھ تي کوٽائي ڪئي، جيئن ئي هن قبر ۾ ان گستاخ قادياني کي دٻائڻ لڳا ته قبر مان