Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
۽ امت کي نيڪ نمازي بڻائڻ ۾ مصروفِ عمل آهي، اوهان به دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصَّو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دنيا جون بيشمار برڪتون نصيب ٿينديون. 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم فجر جي لاءِ جاڳائڻ به آهي.
نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ سنّتِ مصطفيٰ آهي: الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فجر جي لاءِ ويندي سُتلن کي جاڳائيندا هئا([1]) مُسلمانن جي ٻئين خليفي حضرت عُمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ جو به اهو ئي انداز هو([2]) ۽ مسلمانن جا چوٿان خليفه حضرت عليُ المُرتضيٰ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ به هن پياري سنّت جا عامل هئا. ([3])
اوهان به هي پياري سنت اپنايو! نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائيندا ڪيو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! کوڙ برڪتون ملنديون * ٻين کي جاڳائينداسين ته پاڻ کي به نمازِ فجر باجماعت پڙهڻ جي سعادت ملندي * صبح صبح نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب ملندو اوهان جي جاڳائڻ سان جيترا ماڻهو نماز پڙهندا، انهن سڀني جي نمازن جو ثواب انهن کي به ملندو ۽ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! اوهان جي نامهءِ اعمال ۾ به لکيو ويندو * صبح صبح پيدل هلڻ جي برڪت سان صحت به سٺي ٿيندي هڪ اهم فائدو هي ته مسجد جي رونق وڌي ويندي، هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: اسان سردين ۾ نمازِ فجر جي لاءِ جاڳائڻ شروع ڪيو ته ايترا نمازي وڌيا جو مسجد جي صحن ۾ شاميانا لڳائڻا پئجي ويا. سبحانَ الله! ڪا مشڪل ناهي، جماعت جي وقت کان 20، 25 منٽ پهريان اٿي وڃو! نمازِ فجر جي لاءِ ته وڃڻو ئي آهي، صدا هڻندا وڃو! مسجد به پهچي ويندا ۽ الله پاڪ جي فضل سان نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو ثواب به ملي ويندو. نيّت ڪري وٺندا! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! نمازِ