Akhri Nabi Tashreef Le Aye

Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye

ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو چئي رهيا هوندا آهن ته جڏهن پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ولادت ٿي، ڇا ان وقت به ڪنهن ميلاد ڪيو هو؟ جواب ۾ عرض آهي ته ان وقت گهڻا ماڻهو ته غير مسلمان هئا، جيڪي الله پاڪ ۽ نبي سڳورن کي مڃيندا ئي نه هئا، انهن سان اسان کي ڪو سروڪار ناهي. ها! پر اهي ماڻهو جيڪي اڳين آسماني ڪتابن کي مڃيندا هئا ۽ نبي سڳورن تي ايمان رکڻ جو دعويٰ ڪندا هئا، اهي مصطفيٰ جي ولادت واري رات ڇا ڪري رهيا هئا؟ ٻڌو!

   حضرت مالڪ بن سِنان رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: * مديني جي هڪ رات هئي، مان مڙئي ڪچهري جي لاءِ قبيلهءِ بنو عَبۡدُ الۡاَشۡهَل ۾ پنهنجي دوستن وٽ ويس، اتي يوشَع نالي هڪ يهودي هو، ڇا ٿو ڏسان ته ان ماڻهن کي جمع ڪيو آهي ۽ اهو چئي رهيو آهي: احمد نبي (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي آمد جو وقت ويجهو آهي، اهي مڪي ۾ تشريف آڻيندا. پوءِ ان کان بعد يوشَع پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو حُليو مُبارڪ ۽ تفصيل سان اوصاف بيان ڪيا. حضرت مالڪ بن سِنان رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: مان ان جون ڳالهيون ٻڌندو رهيس، تمام عجيب ڳالهيون هيون. *پوءِ مان اتان کان اٿي، پنهنجي قبيلي ۾ آيس، هتي به ڏٺم ته هڪ شخص آهي، ان ماڻهن کي گڏ ڪيو آهي، هي به اهو ئي چئي رهيو هو: احمد نبي (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي آمد جو وقت ويجهو آهي ۽ ان به پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون ڳالهيون ٻڌايون. *فرمائن ٿا: مان اتان کان اٿيس بنو قريظه ۾ هليو ويس، ڇا ٿو ڏسان: اتي به ماڻهو جمع آهن، ٻنهي جهانن جي مالڪ و مختار، مڪي مدني سلطان   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي آمد جا تذڪرا ٿي رهيا آهن. انهيءَ دوران انهن مان هڪ شخص چوڻ لڳو:  ‌قَدْ ‌طَلَعَ ‌الْكَوْكَبُ ‌الْاَ حْمَرُ ‌اَلَّذِيْ ‌لَمْ ‌يَطْلُعْ اِلَّا بِخُرُوجِ نَبِيٍّ وَّظُهُورِهِ، وَلَمْ يَبْقَ اَ حَدٌ اِلَّا اَحْمَدُ، وَهَذِهِ مُهَاجَرُهُ يعني: اهو ڳاڙهو تارو جيڪو صرف ۽ صرف ڪنهن نبي جي ولادت جي وقت ئي نڪرندو آهي، اهو نڪري چڪو ۽ هاڻي نبين مان صرف احمد نبي (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) ئي باقي آهن،