Book Name:Akhri Nabi Tashreef Le Aye
قَبْلَهَا طِبْتَ فِي الظِّلَالِ وَفِي مُسْتَوْدَعٍ حَيْثُ يُخْصَفُ الْوَرَقُ
اوهان ولادت کان پهريان ساين ۾ هئا يعني جنّت جي اندر، حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي پُٺيءَ ۾
ثُمَّ هَبَطْتَ الْبِلَادَ لَابَشَرٌ اَنْتَ وَلَا مُضْغَةٌ وَلَا عَلَقُ
پوءِ آدم جي ئي پُٺي ۾ زمين تي لٿا، تڏهن اوهان نه انساني صورت ۾ هئا، نه مُضۡغَه نه عَلَقَه (هي حمل جي شروعاتي ڏينهن ۾ ٻار جي ٻن حالتن جا نالا آهن)
بَلْ نُطْفَةٌ تَرْكَبُ السَّفِينَ وَقَدْ اَلْجَمَ نَسْرًا وَأَهْلَهُ الْغَرَقُ
اوهان نوح جي پُٺيءَ ۾ ٻيڙيءَ تي سوار ٿيا، جڏهن طوفان ڪافرن جي ڪوڙن خُدائن ۽ انهن جي پوڄارين کي ٻوڙي ڇڏيو.
تُنْقَلُ مِنْ صَالبٍ إِلَى رَحِمٍ إِذَا مَضَى عَالَمٌ بَدَا طَبَقُ
اوهان پُٺين مان رَحمن جي طرف منتقل ٿيندا رهيا، هڪ طبقي کان بعد ٻيو طبقو ظاهر ٿيو.
وَأَنْتَ لَمَّا وُلِدْتَ أَشْرَقَتِ الْأَرْضُ وَضَاءَتْ بِنُورِكَ الْأُفُقُ
اوهان جي ولادت جي وقت زمين روشن ٿي، آسمان سندن نور سان چمڪي پيو
فَنَحْنُ فِي الضِّيَاءِ وَفِي النُّورِ وَسُبِلِ الرَّشَادِ نَخْتَرِقُ ([1])
اسان انهيءَ روشني ۾ هدايت جي رستن تي هلي رهيا آهيون.
پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به تشريف فرما آهن، صحابهءِ ڪرام رَضِیَ اللهُ عَنْهُم به موجود آهن، ان نوراني محفل ۾ حضرت عَبّاس رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْهُ نور واري آقا، محمّدِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ميلاد پڙهيو.
انهيءَ کي ته محفلِ ميلاد چوندا آهن. خبر پئي ميلاد ملهائڻ ڪا نئين ڳالھ