Book Name:Shafaat e Mustafa
حديثِ پاڪ ۾ فرمايائون: بِيَدِي لِوَاءُ الْحَمْدِ قيامت جي ڏينهن حمد جو جهنڊو منهنجي هٿ ۾ هوندو تَحْتِي اَدَمُ فَمَنْ دُونَه حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ۽ سندن تمام اولاد (جيتوڻيڪ اهي نبي هجن، توڙي رسول، توڙي عام مسلمان، سڄي مخلوق) منهنجي جهنڊي(flag) جي هيٺان هوندي.[1]
الله! الله اهو قيامت جو هولناڪ ڏينهن...!! جڏهن هيءَ زمين ٽامي جي زمين سان بدلجي ويندي * جهنّم ويجهو ڪيو ويندو * سج 10 سالن ۾ جيتري گرمي وسائيندو آهي، اوتري گرمي ان ۾ جمع ڪئي ويندي * ۽ مٿن جي تمام ويجهو ڪيو ويندو[2] * ربُّ قهّار غضب به فرمائيندو * الله! الله! اُڃ جي اها شدت جو خُدا نه ڏيکاري * گرمي اهڙي جو خُدا بچائي * ماڻهو پگهر ۾ ٻُڏل هوندا، * پگهر وهي ڪري ڪيئي گز زمين ۾ جذب ٿي ويندو[3] * پوءِ زمين ۾ پگهر چوسڻ جي گنجائش نه رهندي، پگهر مٿي ايندو، ڪنهن جي ڀيڏِن تائين ڪنهن جي گوڏن تائين ۽ ڪجھ پنهنجي ئي پگهر ۾ غوطا کائي رهيا هوندا[4] * گهٻرائي ڪري دليون نڙيءَ ۾ اچي وينديون * ڪافي عرصو انهيءَ حالت ۾ گذري ويندو * آخر ماڻهو انهن آفتن ۽ مصيبتن کان تنگ اچي ڪري ڪنهن شفاعت ڪرڻ واري جي ڳولا ۾ نڪرندا * ڳوليندي حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا، شفاعت جي درخواست ڪندا، جواب ملندو: نَفْسِي نَفْسِي،اِذْهَبُوْا اِلَى غَيْرِيْ اڄ مون کي پنهنجو فڪر آهي، ڪنهن ٻئي ڏانهن وڃو! * حضرت نُوح عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي خدمت ۾ حاضري ٿيندي، اتان به جواب ملندو: نَفْسِي نَفْسِي،اِذْهَبُوْا اِلَى غَيْرِيْ اڄ مونکي پنهنجو فڪر آهي، ڪنهن ٻئي ڏانهن وڃو! * حضرت ابراهيم خليلُ الله عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جي خدمت ۾ حاضري ٿيندي، اهو ئي جواب ملندو: نَفْسِي نَفْسِي،اِذْهَبُوْا اِلَى غَيْرِيْ اڄ مونکي پنهنجو
[1]...ابن حبان،کتاب التاریخ، ذکر الاخبار بان الانبیاء...الخ، صفحہ:1719، حدیث:6478۔
[2]...مصنف عبد الرزاق، کتاب الجامع، باب قیام الساعہ، جلد:10، صفحہ:338، حدیث:21014 ملخصاً۔
[3]...بخاری، کتاب الرقاق، باب قول اللہ تعالیٰ الا یظن...الخ، صفحہ:1603، حدیث:6532ملخصاً۔
[4]...مسند احمد، جلد:7، صفحہ:216، حدیث:17902۔