Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

هلاڪ ڪري ڇڏيو[1] هڪ روايت ۾ فرمايائون: ‌شَفَاعَتِي ‌لِأَهْلِ ‌الْكَبَائِرِ مِنْ أُمَّتِيْ منهنجي شفاعت منهنجي اُمت جي ڪبيره گُناھ گارن جي لاءِ آهي[2] اسان جا آقا گهڻن ماڻهن جي شفاعت فرمائيندا؟ ارشاد فرمايائون: اِنِّي لَاَرْجُو اَنْ اَشْفَعَ يَوْمَ الْقِيَامَةِ عَدَدَ مَا عَلَى الْاَرْضِ مِنْ شَجَرَةٍ وَمَدَرَةٍ يعني سموري زمين تي جيترا وڻ ۽ پٿر آهن مان قيامت جي ڏينهن انهن سڀني جي تعداد جي برابر ماڻهن جي شفاعت فرمائيندُس.[3]

مُصطفيٰ جي اُمت سان محبت

 پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اهي آهن * جن کي عرش اعظم تي ويهاريو ويندو * اهي ئي بُلند شان وارا آهن جن کي جنّت جون ڪُنجيون عطا ڪيون وينديون * پاڻ مالڪِ جنّت آهن * پاڻ قاسمِ نعمت آهن * پاڻ ئي ربَّ جا محبوب آهن * پر قربان وڃو! اسان جا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم اسان گنھگارن سان ڪيتري محبت فرمائيندا آهن...!! حديثِ پاڪ ۾ آهي: انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جي لاءِ سون جا ممبر رکيا ويندا، سڀئي نبي پنهنجي پنهنجي ممبر تي تشريف فرما هوندا پر منهنجو ممبر خالي هوندو، مان ان تي نه ويهندُس، مونکي خوف هوندو ته ڪٿي ائين نه ٿئي: مونکي جنّت ۾ موڪليو وڃي ۽ منهنجي اُمت اڪيلي رهجي وڃي. مان عرض ڪندُس: یَارَبِّ! اُمَّتِیْ، اُمَّتِیْ! اي ربَّ رحمٰن! منهنجي امت. ارشاد ٿيندو: اي محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جي ڇا مرضي آهي؟ مان عرض ڪندُس: مالڪِ ڪريم! انهن جو حساب جلدي فرماءِ. بَس مان شفاعت


 

 



[1]...معجم کبیر،جلد:10، صفحہ:105،  حدیث:19315۔

[2]... ابو داود، کتاب السنہ، باب فی الشفاعہ، صفحہ:746،  حدیث:4739۔

[3]... مسنداحمد، جلد: 9،صفحہ:7، حدیث:23589۔