Book Name:Shafaat e Mustafa
وضاحت: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! قيامت جي ڏينهن جڏهن اوهان گنھگارن جي لاءِ شفاعت جا بازو کوليو ته پنهنجي عاشق جامي کي ان وقت محروم نه ڇڏجو.
شفاعت جو حقدار بڻائڻ وارا اعمال
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي اهي اعمال به اپنائڻ گهرجن جيڪي شفاعت جو حقدار بڻائيندا آهن ۽ انهن ڪمن کان بچڻ گهرجي جيڪي شفاعت کان محرومي جو سبب بڻجندا آهن.
(1) ايمان
حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا: هڪ ڏينهن مون پڇيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم! قيامت جي ڏينهن اوهان جي شفاعت جي سعادت ڪير ماڻيندو؟ فرمايائون: لَا اِلَهَ اِلَّا اللَّهُ مُخْلِصًا مِنْ قَلْبِہ يعني جنهن دل جي اخلاص سان ڪلمو طيب پڙهيو هوندو، اهو شفاعت جو حقدار آهي.[1]
اَلحَمۡدُلله! شفاعت جو حقدار بڻائڻ واري هيءَ نيڪي (يعني ايمان جي دولت) ته اسان کي نصيب آهي، اَلحَمۡدُلله! اسان سڀئي مسلمان آهيون. الله پاڪ جو وڏو ڪرم آهي ته ان اسان کي ايمان جي دولت نصيب فرمائي آهي، ربُّ ڪريم اسان کي ان تي اِستقامت به نصيب فرمائي. ڪاش! اسان مرڻ گَهڙي تائين مسلمان ئي رهون. ڪڏهن به هڪ سيڪنڊ (Second) جي ڪَروڙين حصي ۾ به اسان جو ايمان اسان کان جُدا نه ٿئي.
تُو نے اِسلام دیا ُ تو نے جماعت میں لیا تَو کریم اب کوئی پھرتا ہے عطیَّہ تیرا ([2])