Shafaat e Mustafa

Book Name:Shafaat e Mustafa

پاڪ جي اجازت سان گنھگار مسلمانن کي بخشرائيندا. تنهنڪري جن آيتن ۾ شَفاعت جو ثبوت آهي، انهن ۾ هيءَ ئي اجازت واري شفاعت مُراد آهي.

نیکیاں بِالکل نہیں ہیں نامۂ اعمال میں                           کیجئے عطّارؔ کی آکر شَفاعت یارسول([1])

شَفاعت واريون آيتون

 پيارا اسلامي ڀائرو! قيامت جي ڏينهن اسان جا آقا و مولا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم شَفاعت فرمائيندا، هيءَ ڳالھ قرآنِ ڪريم جي ڪيئي آيتُن مان ثابت آهي. ٻڌو!

   سيپارو: 30، سورت والضحيٰ، آيت: 5 ۾ ارشاد ٿئ ٿو:

وَ لَسَوْفَ یُعْطِیْكَ رَبُّكَ فَتَرْضٰىؕ(۵)

ڪنزُالعرفان:  ۽ بيشڪ قريب آهي جو تنهنجو رب توکي ايترو ڏيندو جو تون راضي ٿي ويندين

  روايت ۾ آهي: جڏهن هي آيتِ ڪريمه لٿي ته پياري نبي، سهڻي نبي، سچي نبي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اِذًا لَا اَرْضیٰ وَاحِدٌ مِنْ اُمَّتِيْ فِي النَّار يعني (جڏهن هي واعدو آهي ته ربّ ڪريم مونکي راضي فرمائيندو) پوءِ ته جنهن وقت تائين منهنجو هڪ اُمتي به جهنّم ۾ هوندو، مونکي راضي ٿيڻو ئي ناهي.[2]

  سيپارو: 26، سورت محمد، آيت: 19 ۾ ارشاد ٿئي ٿو:

وَ اسْتَغْفِرْ لِذَنْۢبِكَ وَ لِلْمُؤْمِنِیْنَ وَ الْمُؤْمِنٰتِؕ

ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اي حبيب! پنهنجي خاص غلامن ۽ عام مسلمان مردن ۽


 

 



[1]... وسائل بخشش، صفحہ:242۔

[2]...  المحرر الوجیز لابن عطیہ، پارہ:30، سورۂ والضحیٰ، زیرِ آیت:5، جلد:5، صفحہ:494۔